بيجنگ – 18 – آڪٽوبر (اي پي پي) نگران وزيراعظم انوارالحق ڪاڪڙ بيجنگ ۾ منعقد ٿيندڙ عالمي تعاون بابت ٽئين بيلٽ اينڊ روڊ فورم (بي آر ايف) ۾ شرڪت ڪئي. بي آر ايف جي اعليٰ سطحي جي فورم کي ”آزاد عالمي معيشت ۾ رابطن جي ا??ميت“ جي موضوع تي فورم کي خطاب ڪندي نگران وزيراعظم ٽئين بي آر آئي فورم جي ڪامياب انعقاد تي چيني قيادت کي مبارڪباد ڏني. هن گڏيل مستقبل ۽ بيلٽ اينڊ روڊ انيشي ا??ٽوجي عالمي ڪميونٽي جي صدر شي جي ويزن کي ساراهيو جيڪو عالمي رابطي، گڏيل ترقي ۽ گڏيل خوشحالي جي لاءِ تمام گهڻي ا??ميت رکي ٿو. هن صدر شي جن پنگ جي منظرعام تي ا??ندڙ 8 نقاطي ا??جنڊا جي حمايت پڻ ڪئي. بي آر آئي جي فليگ شپ منصوبي جي طور تي چين پاڪس??ان اقتصادي لنگهه (سي پيڪ) پنهنجي 10 هين سالگرهه ملهائي رهيا آهن. نگران وزيراعظم انوارالحق ڪاڪڙ پاڪس??ان ۾ نوان اقتصادي موقعا پيدا ڪرڻ ۾ سي پيڪ جي ا??م ڪردار کي اجاگر ڪيو. پاڪس??ان جي مضبوط اقتصادي ترقي جي لاءِ ان جي ا??ميت کي اجاگر ڪندي هن سي پيڪ کي ترقي، جدت، روزگار جي ذريعي، سبز معيشت، آزاداڻي ۽جامعيت جي لنگهه جي چيني تجويز جي توثيق ڪئي. نگران وزيراعظم بني نوع انسان کي درپيش مُشڪل عالمي چئلينجن کي منهن ڏيڻ ۽ گڏيل قومن جي پائيدار ترقي جي هدفن ۽ 2030ع جي ا??جنڊا تحت حاصل ٿيندڙ ڪاميابين ۾ رڪاوٽون ختم ڪرڻ جي لاءِ متفقه عالمي ردعمل جي ضرورت تي زور ڏنو. هن چرپر، توانائي ۽ ڊيجيٽل معيشت ۾ سيڙپڪاري ڪري اسرندڙ دنيا ۾ بنيادي ڍانچي جي خال کي ختم ڪرڻ جي فوري ضرورت تي زور ڏنو.