اسلام آباد – 21 – سيپٽمبر (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري ن??را?? وفاقي وزير مرتضيٰ سولنگي چيو آهي ته غيرجانبدار ۽ شفاف چونڊون ڪرائڻ ن??را?? حڪومت جو مينڊيٽ آهي، ليول پليئنگ فيلڊ ڏيڻ اليڪشن ڪميشن جي ذميواري آهي، ڪنهن سياسي پارٽي سان امتيازي سلوڪ نه ٿيندو، چونڊن جي لاءِ سمورين سياسي پارٽين کي هڪ جهڙا موقعا ميسر آهن. نجي ٽي وي چينل جي پرو??را?? ۾ ڳالهائيندي اطلاعات واري ن??را?? وفاقي وزير چيو ته پاڪستان جي آئين ۾ لکيل آهي ته هن ملڪ کي ان جا چونڊيل نمائندا هلائيندا، وسيلا به موجود آهن، سيڪيورٽي به آهي ۽ انتظامي مدد به آهي، اليڪشن ڪميشن جيڪا تاريخ ڏيندي ان تي چونڊون منعقد ڪرائڻ کي يقيني بڻائينداسين. هن چيو ته ن??را?? حڪومت جو ڪم اليڪشن ڪميشن جي هدايتن تي عمل ڪرائڻ آهي. هڪ سوال تي هن چيو ته نجڪاري واري ن??را?? وفاقي وزير فواد حسن فواد تي اعتراض غلط آهن، جيڪڏهن ان جي وابستگي هجي ها ته هو ٽن چئن مهينن جي لاءِ وزير ڇو بڻجي ها؟. هڪ ٻئي سوال تي هن چيو ته بجلي چوري ختم ٿيندي ته گردشي قرضن ۾ گهٽتائي ايندي ۽ عوام کي ريليف به ملندو. هن چيو ته گذريل حڪومت ۾ نجڪاري جا جيڪي منصوبا منظور ٿي?? انهن تي ڪم ڪري سگهون ٿا.