لاهور – 19 – سيپٽمبر (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري نگران وفاقي وزير مرتضيٰ سولنگي چيو آهي ته حڪومت راندين جي سرگرمين جي فروغ لاءِ پرعزم آهي، پي ٽي وي اسپورٽس پاڪستان ۾ راندين جي ڪلچر کي فروغ ڏيڻ جي لاءِ پنهنجو ڪردار ادا ڪري رهيو آهي. اها ڳالهه هن پاڪستان ڪرڪيٽ بورڊ (پي سي بي) جي چيئرمين ذڪاءُ اشرف سان ملا??ات دوران ڳالهائيندي چئي. ملا??ات ۾ پي سي بي ۽ پي ٽي وي اسپورٽس جي وچ ۾ تعاون سميت مختلف معاملن تي خيالن جي ڏي وٺ ٿي. ان ??وق??ي تي اطلاعات واري نگران وفاقي وزير چيو ته رانديون معاشري ۾ مثبت تبديليون آڻين ٿيون. هن چيو ته پي ٽي وي اسپورٽس ناظرين ۾ ڪافي مقبوليت حاصل ڪئي آهي، پي ٽي وي اسپورٽس پاڪستان ۾ راندين جي ڪلچر کي فروغ ڏيڻ جي لاءِ پنهنجو ڪردار ادا ڪري رهيو آهي. اطلاعات واري نگران وفاقي وزير ڪرڪيٽ جي فروغ لاءِ پي سي بي جي ڪردار کي ساراهيو.