اسلام آباد-27 آگسٽ (اي پي پي)نگران وز??راعظم انوار الحق ڪاڪڙ بجلي جي ورهاست ڪندڙ ڪمپنينن کي بجلي چوري جي روڪٿام جو روڊ ميپ ۽ بجلي جي شعبي جي سڌارن ۽ گهٽ، وچولي ۽ ڊگهي مدي جو پلان جلد کان جلد پيش ڪرڻ جي هدايت ڪئي آهي، وز??راعظم ايندڙ 48 ڪلاڪن ۾ بجلي جي وڌيڪ بلن ۾ گهٽتائي لاءِ ٺوس جوڙي رپورٽ پيش ڪرڻ جي هدايت پڻ ڪئي. هن اهي هدايتون بجلي جي بلن ۾ اضافي تي هنگامي اجلاس جي پهرين دور جي صدارت ڪندي جاري ڪيون، اجلاس ۾ وز??راعظم کي جولاءِ جي بجلي جي بلن ۾ اضافي تي تفصيلي بريفنگ ڏني وئي، وز??راعظم اجلاس کي خطاب ڪندي چيو ت?? جلد بازي ۾ ڪو به اهڙو قدم نه کنيو وڃي جنهن سان ملڪ کي نقصان پهچي، اهڙا قدم کنيا وڃن جنهن سان ملڪي خزاني تي اضافي بار نه پوي ۽ صارفين کي سهولت ملي. هن چيو ت?? ائين ممڪن ناهي ته عام ماڻهو مشڪل ۾ هجي ۽ آفيسر شاهي ۽ وز??راعظم ان جي ٽيڪس تي مفت بجلي استعمال ڪن. هن چيو ت?? لاڳاپيل وزارتون ۽ ادارا مفت بجلي حاصل ڪندڙ آفيسرن ۽ ادارن جا مڪمل تفصيل فراهم ڪن،هن چيو ت?? هو عام ماڻهن جي نمائندگي ڪري رهيو آهي، وز??راعظم هائوس ۽ پاڪ سيڪريٽ??يٽ ۾ بجلي جو خرچ گهٽ ک??ن گهٽ ڪيو وڃي ۽ جيڪڏهن منهنجي ڪمري جي اي سي بند ڪرڻي پوي ته بيشڪ بند ڪري ڇڏيو، وز??راعظم چيو ت?? بجلي جي بچت جي قدمن کي لاڳو ڪرڻ ۽ جولاءِ جي وڌيڪ بلن جي مسئلن تي صوبائي وڏن وز??رن سان تفصيلي مشاورت پڻ ڪئي ويندي. اجلاس ۾ عبوري ڪابينا جي وفاقي وز??رن، سيڪريٽري پاور ، واپڊا چيئرمين?? نيپرا چيئرمين ۽ ٻين لاڳاپيل اعليٰ عملدارن شرڪت ڪئي. وز??راعظم اجلاس کي اڄ سومر تائين ملتوي ڪندي ٺوس قدم ۽ پلان تيار ڪري رپورٽ پيش ڪرڻ جي هدايت ڪئي.