اسلام آباد – 21 – جولاءِ (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شر??ف زراعت، معدنيات، کاڻ کوٽائي، آءِ ٽي ۽ توانائي جي شعبن ۾ دوست ملڪن پاران سيڙپڪاري حاصل ڪرڻ جي لاءِ منصوبن جي منظوري ڏيندي هدايت ڪئي آهي ته انهن منصوبن تي عملدرآمد ۽ انهن کي عملي جامعو پارائڻ جي لاءِ دلچسپي ظاهر ڪندڙ سيڙپڪارن کي ڀرپور ??هو??تون ڏنيون وڃن. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب معاشي بحالي پلان جاري ڪرڻ ۽ پاڪستان حڪومت پاران اسپيشل انويسٽمنٽ فيسلي ٽيشن ڪائونسل (ايس آئي ايف سي) قائم ڪرڻ جي تسلسل ?? ايپڪس ڪميٽي جو ٻيو اجلاس ٿيو. وزيراعظم محمد شهباز شر??ف جي صدارت ۾ ٿيندڙ اجلاس ۾ چيف آف آرمي اسٽاف جنرل سيد عاصم منير، وڏا وزير، وفاقي ۽ صوبائي وزير ۽ اعليٰ عملدار شر??ڪ ٿيا. ايپڪس ڪميٽي ايس آئي ايف سي جي ڪارڪردگي ۽ سيمينارز منعقد ڪرڻ ۽ منصوبن جي افتتاح جي ذريعي امڪاني سيڙپڪارن تائين پهچ جي حڪمت عملي تي اطمينان جو اظهار ڪيو. ايپڪس ڪميٽي وزيرن پاران ايس آئي ايف سي تحت سيڙپڪارن جي لاءِ تيار ڪيل مختلف منصوبن جو جائزو ورتو. اجلاس جي پڄاڻي تي ڪارائتي ??ال??ه ٻولهه ۽ اتفاق راءِ کانپوءِ وزيراعظم زراعت، معدنيات، کاڻين جي کوٽائي، آءِ ٽي ۽ توانائي جي شعبن ۾ دوست ملڪن پاران سيڙپڪاري حاصل ڪرڻ جي لاءِ منصوبن جي منظوري ڏني ۽ هدايت ڪئي ته انهن منصوبن تي عملدرآمد ۽ انهن کي عملي شڪل ڏيڻ جي لاءِ دلچسپي ڏيکاريندڙ سيڙپڪارن کي ڀرپور ??هو??تون ڏنيون وڃن.