سجاول-13 جون (اي پي پي) ڊپٽي ڪمشنر امتياز علي ابڙو شاهه ب??در، جاتي ۽ کارو ڇان ??ي ساحلي علائقن جو دورو ڪري پاڪ فوج، رينجرز، پوليس ۽ ٻين لاڳاپيل ادارن پاران ??طري ھيٺ آيل علائقن ۾ موجود ماڻهن کي محفوظ هنڌن ۽ امدادي ڪيمپن ڏانهن منتقل ڪرڻ لاءِ ريسڪيو جي ھلندڙ ڪم جو جائزو ورتو. ان موقعي تي ڊپٽي ڪمشنر چيو ته سامونڊي طوفان ??ائپر جوائي جي خطري کي نظر ۾ رکندي ضلعي انتظاميا پاران ??اهه ب??در، جاتي ۽ کار?? ڇاڻ جي غير محفوظ ساحلي علائقن ۾ رھندڙ ماڻھن کي منتقل ڪرڻ لاءِ پاڪ فوج، نيوي، رينجرز، ڪوسٽ گارڊز ۽ ٻين لاڳاپيل ادارن جي مدد سان ??يسڪيو جو ڪم تيزي سان ??اري آهي ته جيئن قيمتي جانين جي امڪاني نقصان کان ??چي سگهجي. هن چيو ته ان ڏس ۾ ضلعي انتظاميا پاران گورنمينٽ گرلز ڊگري ڪاليج سجاول، گورنمينٽ ب??ائز ڊگري ڪاليج سجاول، گورنمينٽ ب??ائز هاءِ اسڪول سجاول I، گورنمينٽ ب??ائز هاءِ اسڪول سجاول II، گورنمينٽ گرلز هاءِ اسڪول سجاول، مورو مرڪز سجاول، گورنمينٽ پرائمري مين اسڪول چانڊيا سجاول، گورنمينٽ پرائمري اسڪول مدرسہ سائٽ سجاول، گورنمينٽ پرائمري اسڪول حاجي يونس ميربحر جاتي، گورنمينٽ هائير سيڪنڊري اسڪول جاتي، سيف اسڪول جاتي ٽائون، مين پرائمري اسڪول جاتي ۽ گورنمينٽ هاءِ اسڪول بيگنا موري جاتي ۾ رليف ڪيمپون قائم ڪيون ويون آهن. هن چيو ته هر رليف ڪيمپ ۾ اٽڪل 500 کان 800 ۽ 1000 ماڻهن جي رھائش جا انتظام ڪيا ويا آھن. ڊپٽي ڪمشنر چيو آهي ته هن وقت تائين 2000 کان وڌيڪ ماڻهن کي ساحلي علائقن مان ڪڍي مختلف رليف ڪيمپن ۾ منتقل ڪيو ويو آهي، جتي کين پڪل کاڌو، صفائي سٿرائي، حفظان ??حت جو سامان، ترپال، ڪمبل ۽ ٻيون سموريون گهربل سهولتون فراهم ڪيون پيون وڃن. هن چيو ته ضلعي انتظاميا پاران ??سسٽنٽ ڪمشنرن، مختيارڪارن، چون??يل نمائندن ۽ مقامي معززين ذريعي ماڻهن کي سامونڊي علائقن مان نڪرڻ تي آمادہ ڪرڻ بابت ڀرپور مهم پڻ هلائي پئي وڃي ته جيئن کين محفوظ هنڌن تي منتقل ڪري سگهجي. ڊپٽي ڪمشنر وڌيڪ ٻڌايو ته ٻيا به ڪيترائي ماڻهو خطري واري هنڌن تان نڪري چڪا آهن جن کي ضلعي انتظاميا پاران قائم ڪيل امدادي ڪيمپن ۾ منتقل ڪرڻ جون ڪوششون پڻ جاري آهن ته جيئن کين مشڪلات ۽ پريشاني کي بچائي سگهجي.