اسلام آباد – 27 – جون (اي پي پي) وقتي ??در محمد صادق سنجراڻي وقوف عرفه جي باسعادت موقعي تي مناسڪ حج جو اهم رڪن وقوف عرفه ادا ڪرڻ تي سمورن حاجي سڳو??ن ۽ مسلمان امت کي خصوصي مبارڪباد ڏيندي چيو آهي ته هن برڪتن واري ڏينهن هر مسلمان وچن ڪري ٿو ته الله تعاليٰ جي زات جي حڪمن جي بجاآوري جي لاءِ هو هر قرباني ڏيڻ جي لاءِ تيار آهي. سينيٽ سيڪريٽريٽ موجب وقتي ??در چيو ته قرباني جو جذبو ان وچن جي به تائيد آهي جنهن جو حضرت ابراهيم عه اعلان ڪيو هو، حج اسلام جو اهم رڪن آهي. هن چيو ته اسان کي گهرجي ته قرآن ۽ سنت جو امن، اخوت ۽ ڀائيچاري جو پيغام انسانيت ۾ عام ڪريون، مسلمان امت کي هن وقت سڀ کان وڌيڪ اتحاد جي ضرورت آهي. هن حاجي سڳورن کي پاڪستان جي سلامتي ۽ ترقي جي لاءِ خصوصي دعا جي پڻ اپيل ڪئي. وقتي ??در حج جي لاءِ بهترين انتظام ڪرڻ تي سعودي حڪومت جا ٿو??ا مڃيا. سينيٽ جي وقتي چيئرمين مرزا محمد آفريدي پڻ حاجي سڳو??ن ۽ سموري مسلمان امت کي باسعادت موقعي تي مبارڪباد ڏني آهي.