اسلام آباد – 24 – اپريل (اي پي پي) پرڏيهي آفيس چيو آهي ته پاڪستان سوڊان جي صورتحال تي نظر رکي آهي ۽ پرڏيهي وزارت اتي موجود پاڪستانين کي ريليف ڏيڻ جي لاءِ خطي ۾ پنهنجي مشنز سان گڏجي ڪم ڪري رهي آهي. پرڏيهي آف??س پاران جاري بيان موجب 427 پاڪستاني حفاظت سان پورٽ سوڊان پهچي ويا آهن ۽ انهن جي اڳئين سفر جي انتظامن کي جام?? بڻائڻ کان اڳ ئي انهن جي رهائشگاهه جو بندوبست ڪيو پيو وڃي.