اسلام آباد – 21 – مارچ (اي پي پي) پاڪستان پيپلزپارٽي جي چيئرمين ۽ پرڏيه?? وزير بلاول ڀٽو زرداري ڊيره اسماعيل خان ۾ دهشتگرد حملي جي سخت مذمت ڪندي واقعي ۾ سيڪيورٽي فورسز جي اهلڪارن جي شهادت تي گهري افسوس جو اظ??ار ڪيو. هن چيو ته شهادت ماڻيندڙ حوالدار محمد اظهر اقبال، نا??يڪ محمد اسد ۽ سپاهي محمد عيسيٰ ملڪ جا بهادر سپوت هئا. چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري متاثر خاندانن سان دلي تعزيت ۽ يڪجهتي جو اظ??ار ڪندي چيو ت?? دهشتگردي ۽ انتهاپسندي کي پاڙ کان پٽي اڇلائڻ تائين سک سان نه ويهنداسين.