لاهور – 02 – مارچ (اي پي پي) پاڪستان پيپلزپارٽي جي چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري سان پيپلز لائرز فورم ۽ پروگريسو لائرز الائنس جي نمائندن بلاول هائوس لاهور ۾ ملاقات ڪئي. چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري کي پيپلز لائرز فورم ۽ پروگريسو لائرز الائنس جي نمائندن لاهور هاءِ ڪورٽ بار ايسوسيئيشن ۾ ڪاميابي تي مبارڪباد ڏني. هن ??صوصي طور تي صباحت رضوي کي لاهور هاءِ ڪورٽ بار ايسوسيئيشن جو سيڪريٽري چونڊجڻ تي مبارڪباد ڏني، پاڪستان بار ڪائونسل جي ميمبر عابد ساقي ۽ پنجاب بار ڪائونسل جي ميمبر راحيل ڪامران چيما پڻ ملاقات ڪئي، پيپلز لائرز فورم جي نمائندن انساني حقن ۽ آئين جي با??ادستي جي جدوجهد ۾ چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري جو ساٿ ڏي?? جي عزم جو اظهار ڪيو. چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري وڪيل بر??در?? کي خاطري ڪرائي ته هو انهن ??ان گڏجي پاڪستان جي آئين جي تحفظ ۽ بقاءَ جي جدوجهد جاري رکندو. ملاقات ڪندڙن ۾ گلفام سرويا، شاهد عمران اولک، عظيم حفيظ، آصف خان بلوچ، سلمان نذير چيما، حمزه رياض چيما، ذيشان علي ساهي، قمر خان، فهيم خان ۽ حماد صوفي شامل هئا.