اسلام آباد – 08 – فيبروري (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف چيو آهي ته اهڙا پبلڪ سيڪٽر انٽرپرائيزز جن??ن جي نجڪاري جي سفارش نجڪار?? بورڊ ڪئي آهي ان??ن جي نجڪاري جي عمل کي تيز بڻايو وڃي، نجڪاري جي عمل ۾ شفافيت اولين ترجيح هجڻ گهرجي. اهڙن خيالن جو اظهار هن پبلڪ سيڪٽر انٽر پرائيزز جي نجڪاري جي حوالي سان اهم جائزه ??جل??س جي صدارت ڪندي ڪيو. ??جل??س ۾ پبلڪ سيڪٽر انٽر پرائيزز جي نجڪاري جي ع??ل جي رفتار جو جائزو ورتو ويو. ??جل??س ۾ شرڪت ڪندڙن سان ڳالهائيندي وزيراعظم چيو ته حڪومت پبلڪ سيڪٽر انٽرپرائيزز جي نجڪاري جي ع??ل جي حوصلا افزائي ڪري ٿي. هن هدايت ڪئي ته اهڙا پبلڪ سيڪٽر انٽرپرائيزز جن جي نجڪاري جي سفارش نجڪار?? بورڊ آهي ان??ن جي نجڪاري جي عمل کي تيز بڻايو وڃي. جڏهن ته ان عمل کي شفاف انداز ۽ انٽرنيشنل بيسٽ پريڪٽسز جي روشني ۾ مڪمل ڪيو وڃي. ??جل??س ۾ ناڻي واري وفاقي وزير سينيٽر اسحاق ڊار، توانائي واري وفاقي وزير انجنيئر خرم دستگير خان، وزيراعظم جي صلاحڪار احد چيما، پيٽروليم واري مملڪتي وزير مصدق ملڪ، وزيراعظم جي خصوصي صلاحڪار محمد جهانزيب خان ۽ لاڳاپيل اعليٰ سرڪاري آفيسرن شرڪت ڪئي.