اسلام آ??اد??? 02 – فيبروري (اي پي پي) پاڪستان چيو آهي ته 5 فيبروري تي ڪشمير سان يڪجهتي جو ڏهاڙو هڪ ڀيرو ٻيهر ڀرپور طريقي سان ??له??يو ويندو، هر سال وانگر هن سال به پاڪستاني قوم ڪشمير سان يڪجهتي جي ڏهاڙي جي موقعي تي پنهنجي ڪشميري ڀائرن ۽ ڀينرن جي خودمختياري وارو حق حاصل ڪرڻ جي لاءِ انهن جي منصفاڻي جدوجهد ۾ انهن سان اڻٿڪ يڪجهتي جو اظهار ڪندا. پرڏيهي کاتي جي ترجمان ممتاز زهره بلوچ پريس بريفنگ ۾ چيو ته پاڪستان ۾ معاشري جا سڀ طبقا ۽ سڄ?? دنيا ۾ رهندڙ پاڪستاني ۽ ڪشميري ان ڏينهن کي روايتي جوش ۽ جذبي سان ??له??ئيندا. ترجمان چيو ته اسان سمجهون ٿا ته خطي ۾ پائيدار امن ۽ سلامتي ۽ ترقي جو دارومدار ڄمون ۽ ڪشمي?? جي تڪرا?? جي پرامن حل تي آهي. هن چيو ته اهو ضروري آهي ته ڪشميري عوام گڏيل قومن جي اهتمام هيٺ آزاداڻي ۽ غيرجانبداراڻي راءِ جي ذريعي پنهنجي خودمختياري واري حق جو استعمال ڪن. هن اها ڳالهه زور ڏئي چئي ته پاڪستان گڏيل قومن جي سلامتي ڪائونسل جي قراردادن موجب ڄمون ۽ ڪشمي?? جي تڪرا?? جي منصفاڻي ۽ پرامن حل جي لاءِ پنهنجي ڪشميري ڀائرن ۽ ڀينرن جي هر ممڪن حمايت جاري رکندو.