اسلام آباد– 26 – جنوري (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهب??ز شريف سان اڳوڻي صدر آصف علي زرداري ۽ جمعيت علماءِ اسلام (ف) جي سربراهه مولانا فضل الرحمان ملاقات ڪئي. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري ??يان موجب ملاقات ۾ ملڪ جي مجموعي سياس?? صورتحال تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. ان موقعي تي دفاع وارو وفاقي وزير خواجه محمد آصف، اقتصادي ۽ سياسي معاملن وارو وفاقي وزير سردار اياز صادق ۽ ريلوي ۽ هوابازي وارو وفاقي وزير خواجه سعد رفيق پڻ موجود هئا.