اسلام آباد– 26 – جنوري (اي پي پي) پاڪستان سوئيڊن ۽ هالينڊ ۾ ق??آن ??اڪ جي بي حرمتي جي تازين ڪاررو??ين جي سخت مذمت ڪندي چيو آهي ته انهن قابل مذمت ۽ افسوسناڪ واقعن سان سڄي دنيا جي ڏيڍ ارب کان وڌيڪ مسلمانن جا مذهبي جذبا مجروح ٿيا آهن. پرڏيهي آفيس جي ترجمان ممتاز زهره بلوچ پريس بريفنگ ۾ چيو ته اسان ق??آن ??اڪ جي بي حرمتي جي انهن واقعن کي نسل پرستي، زينو فوبڪ ۽ اسلامو فوبيا جي طور تي ڏسي ٿو. ترجمان چيو ته انهن قابل مذمت ۽ افسوسناڪ واقعن سان سڄي دنيا جي ڏيڍ ارب مسلمانن جا مذهبي جذبا مجروح ٿيا آهن. هن چيو ته انهن واقعن جو واحد مقصد مسلمان اقليتن جي خلاف تشدد کي هوا ڏيڻ آهي. پاڪستان سوئيڊن ۽ هالينڊ کي پنهنجي خدشن کان آگاهه ڪيو آهي ۽ ٻنهي ملڪن جي حڪومتن تي زور ڏنو آهي ته اهي اسلامو فوبيا جي ڪاررو??ين خلاف ٺوس قدم کڻن.