اسلام آباد – 12 – جنوري (اي پي پي) پرڏيهي وزير بلاول ڀٽو زرداري سان چين جي سفير نونگ رونگ پرڏيهي وز??رت ۾ الوداعي ملاقات ڪئي. پرڏيهي آفيس جي ترجمان موجب ملاقات دوران پاڪستان ۽ چين جي وچ ۾ ٻطرفن ل??ڳاپن، سي پيڪ منصوبي سميت مختلف شعبن ۾ ٻطرفي تعاون جي فروغ تي خيالن ??ي ڏي وٺ ڪئي وئي. پرڏيهي وزير پاڪستان ۽ چين جي وچ ۾ ٻطرفن ل??ڳاپن جي فروغ جي حوالي سان چيني صدر جي خدمتن کي ساراهيو. پرڏيهي وزير بلاول ڀٽو زرداري ان موقعي تي چيني سفير نونگ رونگ جي لاءِ نيڪ خواهشن جو به اظهار ڪيو.