اسلام آباد – 29 – نومبر (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف پاڪستان جي حڪومت ۽ عو??م پاران فلسطيني عو??م جي اڻٿڪ حمايت جو ورجاءُ ڪندي چيو آهي ته فلسطين جو پراڻو حل طلب تڪرار نه صرف اخلاقي لحاظ سان دنيا جي لاءِ هڪ سواليه نشان آهي پر عالمي امن تي ان جا اثر پون ٿا. فلسطيني عو??م سان گڏ يڪجهتي جي عالمي ڏهاڙي جي موقع تي هڪ ٽوئي?? ۾ ??زيراعظم چ??و ته اهو ڏينهن اسرائيل جي قبضي هيٺ زندگي گذارڻ واري فلسطيني عو??م کي درپيش مشڪلاتن ۽ تڪليفن کي اجاگر ڪندو آهي. اسرائيل جو ظلم ۽ جابراڻا قدم، جنهن جو تازي تاريخ ۾ ڪوبه مثال نٿو ملي پر س??ا کان ڇوٽ مليل آهي. وزيراعظم چ??و ته فلسطين جو پراڻو حل طلب مسئلو نه صرف دنيا جي لاءِ اخلاقي لحاظ کان هڪ سواليه نشان آهي پر عالمي امن تي به ان جا اثر پون ٿا. هن چ??و ته پاڪستان گڏيل قومن جي قراردادن م??وج?? ٻه رياستي حل جي حمايت ڪري ٿو.