اسلام آباد – 01 – سيپٽمبر (اي پي پي) پاڪستان ??ارت جي غيرقانوني قبضي هيٺ ڄمون ۽ ڪشمير ۾ انساني حقن جي سن??ين صورتحال تي گهري ڳڻتي ظاهر ڪئي آهي جتي ڀارتي قابض فوج هڪ 23 سالا انجنيئرنگ جي شاگرد سميت وڌيڪ 6 ڪشميري نوجوانن کي بارهمولا ۽ شوپيان جي علائقي ۾ جعلي مقابلن ۾ شهيد ڪري ڇڏيو آهي. پرڏيهي افيس جي ترجمان عاصم افتخار احمد پريس بريفنگ ۾ ناليواري ڪشميري حريت اڳواڻ سيد ع??ي گيلاني کي سندس پهرين ورسيءَ تي شاندار لفظن ۾ خراج عقيدت پيش ڪندي چيو آهي ته هو همت، حوصلي ۽ خودمختياري جو حق حاصل ڪرڻ جي لاءِ ڪشميري عوام جي دليراڻي جدوجهد جو چهرو هو، جنهن جو حق کيس گڏيل قومن جي سلامتي ڪائونسل جي ڪيترين ئي قراردادن ذريعي ڏنو ويو آهي. سيد ع??ي گيلاني کي جدوجهد ۾ مصروف هم وطنن ”باباءِ حريت“ جو نالو ڏنو آهي، هن گذريل سال پهرين سيپٽمبر تي ڊگهي غيرقانوني ڀارتي حراست ۾ پنهنجا آخري ساهه کنيا. پرڏيهي آفيس جي ترجمان ??يو ته اسلام آباد ۾ مقرر ڀارتي ن??ظم الامور کي خميس ڏينهن پرڏيهي وزارت ۾ طلب ڪيو ويو ۽ سيد ع??ي گيلاني کي ان جي وصيت ۽ ان جي گهرڀاتين جي خواهش موجب تدفين جي حق کان محروم ڪرڻ جي ڀارت جي مسلسل بي حسي تي سخت اح??جاج ڪيو ويو. ترجمان ??يو ته ڀارتي ن??ظم الامور کي ڀارتي حڪومت جي مسلسل هٺ ڌرمي تي پاڪستان ??هري افسوس جو اظهار ڪيو جنهن سيد ع??ي گيلاني جي مڙهه کي ان جي وصيت موجب شهيدن جي قبرستان ۾ باوقار تدفين کان انڪار ڪري ڇڏيو هو. ترجمان ??يو ته وڌيڪ افسوسناڪ ڳالهه اها آهي ته ڪشميرين کي سرينگر جي حيدر پوره جي قبرستان ۾ ان اقابل اح??رام اڳواڻ کي خراج عقيدت پيش ڪرڻ جي به اجازت ناهي ڏني جتي ان ??ي گذريل سال انتهائي جلدي ۾ سندس گهرڀاتين ۽ ان جي چاهيندڙن جي غيرموجودگي ۾ دفن ڪيو هو. ترجمان ان يقين جو اظهار ڪيو ته ڀارتي ڏاڍ، بي حسي ۽ اخلاقيات جي ن??قابل يقين حد تائين غيرموجودگي والاريل ڪشمير ۾ ڪشميرين جي مزاحمت جي جذبي ۽ سيد ع??ي گيلاني جهڙي صاحب بصيرت اڳواڻ جي لاءِ عوام جي ياد کي گهٽ نه ٿي ڪري سگهي. پرڏيهي آفيس جي ترجمان ??يو ته سيد ع??ي گيلاني جي ميراث ڄمون ۽ ڪشمير تي غيرقانوني ڀارتي قبضي کي ختم ڪرڻ جي لاءِ ان جي مشن کي اڳتي وڌائڻ وارن کي تحرڪ ڏيندي رهندي.