گلگت- 01 سيپٽمبر (اي پي پي)وزيراعظم جي ڪشمير ۽ گلگت بلتستان معاملن بابت صلاحڪار ق??ر زمان ڪائره چيو آهي ته جنهن پيڪيج جو ??علان پاڪستان ۾ ٻوڏ سبب متاثر علائقن جي ماڻهن لاءِ ڪيو ويو انهي پيڪيج تي گلگت بلتستان ۾ به عمل ٿيندو ۽ ٻوڏ متاثرن جي بحالي لاءِ سروي سڀ کان پهرين گلگت بلتستان کان شروع ??يندو. گلگت ۾ ميڊيا جي نمائندن سان ڳالهائيندي هن چيو ته جيڪي اسان جون ڀينرون ۽ ڀائر ٻوڏ سبب هن دنيا مان هليا ويا انهن لاءِ وفاقي حڪومت طرفان پرائم منسٽر پيڪيج تحت 10 لک روپين جو ??علان ڪيو ويو آهي، اهڙي طرح زخمين لاءِ به پيڪيج جو ??علان ڪيو ويو آهي، هن چيو ته ٻيو مرحلو ٻوڏ متاثرن کي ريسڪيو ڪرڻ آهي، ان مد ۾ پي ڊي ايم اي کي ضروري سامان ڏئي ڇڏيو آهي، متاثرن کي عارضي رهائشگاهن يا مسواڙي گهرن ۾ منتقل ڪيو ويو آهي يا ڪيو ويندو، هن چيو ته ٽيون مرحلو متاثرن جي بحالي جو ??هي، ان مرحلي ۾ متاثر علائقن جو ??فصيلي سروي ٿيندو، ملڪ جي ٻين ح??ن ۾ هن وقت پاڻي بيٺل آهي، اتي هن وقت سروي ممڪن نه آهي ان لاءِ سروي پهرين گلگت بلتستان کان شروع ??يندو ۽ ان کي جلد مڪمل ڪيو ويندو. هن چيو ته وزيراعظم گلگت بلتستان جي ٻوڏ متاثر علائقن جو ??ورو ڪندو.