اسلام آباد – 26 – مئي (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات ??ار?? وفاقي وزير مريم اورنگزيب چيو آهي ته عم??ان خان پنهنجي ورڪرز کي رستن تي ڇڏي پاڻ بني گالا سمهڻ هليو ويو، سندس لانگ مارچ بري طرح ناڪام ٿ?? ويو آهي، عوام ٻڌائي ڇڏيو آهي ته هو ترقي ۽ خوشحالي جي سياست چاهي ٿي، لشڪرڪشي، فساد ۽ فتني جي سياست رد ٿي چڪي آهي، حڪومت پنهنجو مدو ??ور?? ڪندي، چونڊن جو اعلان حڪومت ۽ اتحادي مقرر وقت تي ڪندا، وزيراعظم شهباز شريف پاڪستان جي عوام کي معاشي بدحالي مان ڪڍڻ جي لاءِ ڏينهن رات محنت ڪري رهيو آهي. پا??لي??مينٽ هائوس ٻاهران صحافين سان ڳالهائيندي هن چيو ته ڪالهه ??ور?? قوم ڏٺو ته تخريبي ۽ تعميري سياست ۾ ڪهڙو فرق هوندو آهي. هن چيو ته پاڪستان جي عوام انهن جي چهرن کي سڃاڻي چڪي آهي، 2014ع ۾ به عم??ان نيازي ڌرڻو ڏنو ۽ خالي هٿ ويو، هن ڀيري به هو پنهنجي ورڪرز کي رستن تي ڇڏي بني گالا سمهڻ هليو ويو. اطلاعات ??ار?? وفاقي وزير چيو ته عم??ان خان آءِ ايم ايف سان ڳالهين کي ناڪام بڻائڻ جي لاءِ ڊرامو رچايو. هن پوليس جي گاڏين تي حملا ڪيا، پوليس اهلڪار شهيد ٿيو، عم??ان خان سپريم ڪورٽ جي فيصلي جي توهين ڪئي، ڪنٽينر تي بيهي اعلان ڪيو ته ڪو فيصلو ناهي ٿيو، ڊي چوڪ پهچو، جڏهن اهي ڊي چوڪ ج?? ويجهو آيا ته انهن وٽ رڳو ڪجهه ماڻهو باقي رهج?? ويا هئا، پوءِ اتان کيس ڀڄڻو پيو. هن چيو ته عم??ان خان جو 6 ڏينهن جو الٽي ميٽيم سندس ناڪام سياست جو ماتم آهي هو هاڻي ڪڏهن به واپس نه ايندو.