اسلام آباد – 03 – اپريل (اي پي پي) اطلاعات، نشريات ۽ قانون واري وفاقي وزير چوڌري فواد حسين چيو آهي ته ٻاهرئين قوتن جي منشا تي پاڪستان تي رجيم بدلائڻ جي ڪوشش ڪئي پئي وڃي، جيڪڏهن اسان غيرتمند قوم آهيون ته اهو تم??شو نه ٿو هلي سگهي، بي اعتمادي جي رٿ آئين جي آرٽيڪل 95 تحت پيش ڪئي وڃي ٿي، عمومي حالتن ۾ اهو جمهوري حق آهي ۽ ان کي تسليم ڪرڻ گهرجي پر هي ??عاملو بي اعتمادي جو نه آهي، آرٽيڪل 5 اي جو آهي، آرٽيڪل فائيو اي تحت رياست سان وفاداري هر شهري جو فرض آهي، آرٽيڪل فائيو اي تي چيئر کان رولنگ اچڻ گهرجي. اهڙن خيالن جو اظهار هن قومي اسيمبلي ۾ ڳالهائيندي ڪيو. اطلاعات ۽ قانون واري وفاقي وزير چيو ته 7 مارچ تي اسان جو سفير هڪ آفيشل ميٽنگ ۾ شرڪت ڪري ٿو، ان ۾ ٻئئي ملڪ جا آفيشلز پڻ ويهن ٿا، اسان جي سفير کي ٻڌايو وڃي ٿو ته عمران خان جي خلاف بي اعتمادي رٿ پيش ڪئي پئي وڃي، 8 مارچ تي بي اعتمادي رٿ اچي ٿي، اسان کي ٻڌايو وڃي ٿو ته پاڪستان سان اسان جي لاڳاپن جو دارومدار بي اعتمادي رٿ جي ڪاميابي ت?? آهي، جيڪڏهن اها بي اعتمادي رٿ ڪامياب ٿئي ٿي ته توهان کي معاف ڪيو ويندو، جيڪڏهن اها ڪامياب نه ٿي ٿئي ته توهان جو ايندڙ رستو تم??م سخت هوندو. هن چيو ته بدقسمتي سان ٻاهرئين قوتن جي منشا تي رجيم بدلائڻ جي ڪوشش ڪئي پئي وڃي. اسان جي ڪجهه اتحادين ۽ پنهنجي 22 ماڻهن جو ضمير به جاڳي وڃي ٿو ۽ معاملا هيستائين پهچي وڃن ٿا. هي ??عاملو بي اعتمادي جو نه، آرٽيڪل 5 اي جو آهي، ڇا 22 ڪروڙ ماڻهن جي رياست ايتري ڪمزور آهي جو ٻاهريون طاقتون ويهي ??تي حڪومتون بدلائي ڇڏين؟ ڇا ٻاهرئين ملڪ جي مدد سان پاڪستان ۾ رجيم تبديل ڪري سگهجي ٿي؟ ڇا اها آئين جي آرٽيڪل 5 جي خلاف ورز?? آهي يا نه؟ ڇا پاڪستان جي عوام ڪٺ پتل?? آهي؟ ڇا اسان پاڪستانين جي ڪا حيثيت نه آهي؟ ڇا اسان غلام آهيون؟ هن چيو ته ليڊر آف اپوزيشن جي بقول اسان ڀڪار?? آهيون، جيڪڏهن اسان غيرتمند قوم آهيون ته اهو تم??شو نه ٿو هلي سگهي. چيئر پاران آرٽيڪل 5 اي تي رولنگ اچڻ گهرجي.