اسلام آباد – 23 فيبروري (اي پي پي) وز??راعظم عمران خان روسي صدر ولادي مير پيوٽن جي خصوصي دعوت تي اڄ اربع کان روس جو ٻن ڏينهن جو سرڪاري دورو ڪندو. وز??راع??م آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب وفاقي وز??ر ۽ اعليٰ سطحي وفد پڻ دوري ۾ وز??راعظم سان گڏ هوندا. وز??راعظم عمران خان ۽ روس جي صدر پيوٽن جي وچ ۾ ملاقات ان دوري جو اهم ترين جز هوندو. وز??راعظم عمران خان ماسڪو ۾ روس جي سڀ کان وڏي مسجد اسلامڪ سينٽر جو دورو ڪندو. وز??راعظم عمران خان سان اهم روسي قيادت بشمول نائب وز??راعظم، روسي سيڙپڪار ۽ واپاري پڻ ملاقات ڪندا. صدر پيوٽن سان ملاقات ۾ وز??راعظم عالمي ?? خطي جي معاملن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪندو. ملاقات ۾ روس پاڪستان لاڳاپن خاص طور تي توانائي جي شعبي تي ڳالهه ٻولهه ٿيندي. اسلامو فوبيا ۽ افغانستان جي صورتحال پڻ غور هيٺ ايندي. وز??راعظم جو دورو روس ۽ پاڪستان جي ٻطرفن لاڳاپن کي وڌيڪ مستحڪم ڪندو. وز??راعظم عمران خان ٻن ڏهاڪن کانپوءِ روس جو دورو ڪندڙ پ??ري??ن پاڪستاني وز??راع??م آهي.