اسلام آباد – 11 فيبروري (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير چوڌري فواد حسين چي?? آهي ته شريف فيملي دلچسپ ۽ عجيب فراڊ ڪيا آهن، انهن جي خلاف مني لانڊرنگ جي ڪيسن ۾ 18 فيبروري تي فرد جرم لاڳو ٿيندو ۽ باقاعده ٽرائل شروع ٿيندو، ??هو ڪيس سڌو سنئون ڏيکارڻ جي اجازت ڏني وڃي. پنهنجي ٽوئيٽ ۾ وفاقي وزير قوم کي مبارڪباد ڏني ته هڪ ڊگهي جاچ کانپوءِ آخرڪار 18 فيبروري تي شهباز شريف، حمزه شهباز ۽ ٻين جوابدارن جي خلاف مني لانڊرنگ ڪيس ۾ فرد جرم لاڳو ٿيندو ۽ باقاعده ٽرائل شروع ٿيندو، ??ن جاچ ۾ 14 هزار بينڪنگ ٽرانزيڪشنز جي ڇنڊڇاڻ ڪئي وئي، ان دوران حيرت انگيز تفصيل سامهون آيا، هن چي?? ته مقصود، شهباز شريف جي ملز ۾ نوڪر هو، ??ن جو پگهار 25 هزار روپيا هو، ??ن جي نالي تي اڪائونٽ کليو ۽ 4 ارب روپيا ان جي اڪائونٽ مان ٿيندا شريف فيملي جي اڪائونٽس ۾ پهچي ويا، وفاقي وزير چي?? ته اهڙي طرح جي درجنين دلچسپ ۽ عجيب فراڊ ش??باز شريف جي ان ڪيس جو حصو آهن، هن درخواست ڪئي ته ان ڪيس کي سڌو سنئون ڏيکارڻ جي اجازت ڏني وڃي.