اسلام آباد – 22 جنوري (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير چوڌري فواد حسين ??يو آهي ته شريف فيملي راڻا شميم ڪيس ۾ ان انڪشاف جي ترديد ناهي ڪئي ته اهو حلفيه بيان نواز شريف جي آفيس ۾ سندس هدايتن موجب تيار ٿيو. پنهنجي هڪ ٽوئيٽ ۾ هن چيو ت?? راڻا شميم ۽ سوليسٽر نواز شريف جي آفيس ۾ اهو حلفيه بيان رڪارڊ ڪرايو، سمورا واقعا ظاهر ڪن ??ا ته اهو ڊرامو عدالت تي اثرانداز ٿيڻ جي لاءِ ڪيو ويو.