اسلام آباد – 14 جنوري (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان چيو آه?? ته پاڪستان ڪنهن انساني المئي کان بچڻ لاءِ افغان عوام کي هر ممڪن مدد فراهم ڪرڻ جو عزم ڪيو آه??.
اهڙن خيالن جو ا??هار هن افغانستان جي حوالي سان ايپڪس ڪميٽي جي ??ئين اجلاس جي صدارت دوران ڳالهائيندي ڪيو. وزيراعظم آفيس جي ??ي??يا ونگ مان جاري بيان موجب وزيراعظم عمران خان افغانستان ۾ امداد لاءِ گڏيل قومن جي اپيل جي آجيان ڪئي، ايپڪس ڪميٽي افغانستان ۾ بگڙجندڙ انساني صورتحال تي ڳڻتي جو ا??هار ڪيو. ڪميٽي ان عزم جو ا??هار ڪيو ته پاڪستان مشڪل جي ان گهڙي ۾ افغان عوام کي اڪيو نه ڇڏيندو. ايپڪس ڪميٽي اقتصادي طور تي تباهه ٿيل افغانستان ۾ انساني جانين کي بچائڻ ۽ مشڪل جي ان گهڙي ۾ افغانين جي ??دد لاءِ عالمي برادري ۽ امدادي ادارن کان هڪ دفعو ٻيهر مدد جي اپيل ڪئي،
وزيراعظم لاڳاپيل عملدارن کي هدايت ڪئي ته افغانستان ۾ انساني الميي کان بچاءُ لاءِ دوست ملڪن سان ٻطرفي لاڳاپن جون راهون ڳوليو ته جيئن افغانستان ۾ طب، آءِ ٽي، فنانس ۽ اڪائونٽنگ جي شعبن ۾ تربيت يافته افرادي قوت موڪلي سگهجي. هن افغانستان جي بحالي ۽ ترقي ۾ مدد لاءِ ريلويز، معدنيات، دائون ٺاهڻ ۽ مي??يا جي شعبن ۾ تعاون جي به هدايت ڪئي، ان کان اڳ ايپڪس ڪميٽي کي افغانستان لاءِ 5 ارب روپين جي امداد تي اڳڀرائي جي حوالي سان آگاهه ڪيو ويو جنهن ۾ 50 هزار ميٽرڪ ٽن ڪڻڪ سميت غذائي جنسن، هنگامي طبي سامان، سردي کان بچاءُ لاءِ پناهگاهون ۽ ٻيو سامان شامل آه??، ايپڪس ڪميٽي کي ٻڌايو ويو ته افغانستان شديد سردي جي ??وسم دوران بک ۽ انساني الميي جي صورتحال پيدا ٿيڻ جي ??يجهو پهچي چُڪو آه??، ان صورتحال ۾ عوام لاءِ خوراڪ ۽ پناهگاهن کي حاصل ڪرڻ مشڪل ٿي ويو آه??.
ڪميٽي افغان عوام سان گڏ بيهڻ جي عزم جو ا??هار ڪندي امدادي ادارن تي زور ڏنو ته هو افغان عوام جي ??دد لاءِ فوري حرڪت ۾ اچي. اجلاس ۾ پرڏيهي وزير مخدوم شاهه محمود قريشي، اطلاعات ۽ نشريات وارو وفاقي وزير چوڌري فواد حسين، گهرو وزير شيخ رشيد احمد، وزيراعظم جو ??لا??ڪار عبدالرزاق دائود، وزيراعظم جو قومي سلامتي وارو ??لا??ڪار ڊاڪٽر معيد يوسف، پاڪ فوج جو سربراهه جنرل قمر جاويد باجوه ۽ اعليٰ سول ۽ ملٽري عملدار موجود هئا.