ميڊرڊ – 11 جنوري (اي پي پي) پرڏيهي وزير مخدوم شاهه محمود قريشي چيو آهي ته پاڪستان اسپين ??ميت سڀني يورپي يونين ميمبر ملڪن سان با??قصد حصيداري جو خواهشمند آ??ي. اها ڳالهه هن ميڊرڊ ۾ ٿنڪ ٽينڪس جي اعزاز ۾ آجياڻي کي خطاب ڪندي چئي. آجياڻي جو اهتمام پاڪستان هائوس ميڊرڊ اسپين ۾ ڪيو ويو. اسپين ۾ پاڪستان جي سفير شجاعت راٺوڙ به پرڏيهي وزير سان گڏ هو. ٿنڪ ٽينڪ، جرنلسٽ ۽ ماهر، دفاعي ۽ عالمي معاملن سميت، مختلف زندگي جي شعبن سان تعلق رکندڙ ناليوارين ??خصيتن آجياڻي ۾ شرڪت ڪئي. پرڏيهي وزير ان موقعي تي چيو ته پاڪستان اسپين کي ٻطرفي ۽ يورپي يونين ??ي حوالي سان انتهائي اهميت وارو سمجهي ٿو، اسان جي حڪومت جاگرافيائي اقتصادي ترجيحن تي ڌيان ڏئي رهي آهي، شاهه محمود قريشي چيو ته اسان اقتصادي سفارتڪاري جي ذريعي دنيا جو ڌيان پاڪستان جي 200 ملين ??بادي تي ٻڌل اڀرندڙ مارڪيٽ سيڙپڪاري ۽ واپار جا ميسر وسيع موقعن طرف ڏياري رهيا آهيون، پاڪستان اسپين ??ميت سڀني يورپي يونين ميمبر ملڪن سان گڏ با??قصد حصيداري جو خواهشمند آ??ي، هن چيو ته پاڪستان ۽ اسپين ??ي وچ ۾ اقتصادي ۽ واپار?? تعاون وڌائڻ جا وسيع موقعا موجود آ??ن، افغانستان ۾ قيام امن سان علائقائي رابطن کي فروغ ملندو جيڪو اسان جي اقتصادي هدفن کي حاصل ڪرڻ ۾ معاون ثابت ٿيندو، مخدوم شاهه محمود قريشي چيو ته پاڪستان افغانستان سميت خطي ۾ امن جي قيام لاءِ ڀرپور ڪوششون جاري رکيون آهن، تيزي سان بدلجندڙ عالمي منظرنامي ۾ عام راءِ هموار ڪرڻ ۽ درپيش چئلينجن کان آگاهي ڏيڻ ۾ ٿنڪ ٽينڪ جو ڪردار ??ني??دي اهميت جو حامل آهي، معزز مهمانن پرخلوص ميزباني تي پرڏيهي وزير مخدوم شاهه محمود قريشي جو ٿورو ادا ڪيو.