اسلام آباد – 05 جنوري (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري مملڪتي وزير فرخ حبيب چيو آهي ته پي ٽي آءِ جي اڪا??ون??س ۾ سموري رقم قانون موجب آئي آهي، ائين ڪٿي ثابت ناهي ٿيو ته اسان ڪنهن ملٽي نيشنل ڪمپني يا ملڪي مفاد جي خلاف هلندڙ اداري کان ڪي فنڊز ورتا هجن، اسان وٽ ان??رون ملڪ مان جمع ٿيندڙ 83 ڪروڙ جو به رڪارڊ موجود آهي، (ن) ليگ ۽ پيپلزپارٽي کي چئلينج آهي ته اها ان??رون ملڪ پارٽي کي فنڊ ڏيندڙ 4 ماڻهن جو رڪارڊ پيش ڪري، شاهد خاقان عباسي قوم کي گمراهه ڪرڻ کان پاسو ڪري، (ن) ليگ ۽ پيپلزپارٽي يو ايس ايس اي ۽ يو ڪي ۾ لميٽيڊ ڪمپني طور رجسٽرڊ آهن، فضل الرحمان به تگڙو ٿي وڃي ليبيا ۽ ٻين ملڪن مان ورتل ??نڊ??گ جو حساب ڏيڻو پوندو، اڪبر ايس بابر جي الزامن کي اسڪروٽني ڪميٽي رديءَ جي ٽوڪري ۾ اڇلائي ڇڏيو آهي، (ن) ليگ جي سڄي زندگي ڊيلن تي رهي، ڪي نائيٽ ۽ ڪي آفٽر نون ڊيل ڳولي رهيا آهن. اهڙن خيالن جو اظهار هن پي ٽي وي هيڊڪوارٽر ۾ پريس ڪانفرنس کي خطاب ڪندي ڪيو. مملڪتي وزير فرخ حبيب چيو ته اليڪشن ڪميشن ۾ اسڪروٽني ڪميٽي رپورٽ ڌرين جي حوالي ڪئي، ان رپورٽ تي اهي ماڻهو ڳالهائي رهيا آهن جن جي پنهنجي پارٽي اڪا??ون??س جي خبر نه آهي. هن چيو ته پيپلزپارٽي جي اڪا??ون??س ۾ 35 ڪروڙ جو ڪو رڪارڊ ئي نه آهي، پيپلزپارٽي 2013ع ۾ 9 اڪا??ون??س، 2014ع ۾ 11 اڪا??ون??س ۽ 2015ع ۾ 10 اڪا??ون??س اليڪشن ڪميشن کان لڪايا. (ن) ليگ 9 اڪا??ون??س کي اليڪشن ڪميشن کان لڪايو، انهن جي اڪا??ون??س جي ان??ر 62 ڪروڙ جي رقم اچي ٿي، ان مان 45 ڪروڙ جي عطين جو رڪارڊ ئي نه آهي، جڏهن انهن کان پڇيو ويو ته چون ٿا ته ميان صاحب کي هلندي هلندي ڪنهن 5 ڪروڙ ڏنا، گوجرانوالا جي هڪ شخص هڪ ڪروڙ ڏنا جيڪو الله کي پيارو ٿي ويو. مملڪتي وزير فرخ حبيب چيو ته مسلم ليگ (ن) ايڇ بي ايل سينٽرل، اي بي ايل سينٽرل، 5 صوبائي اڪا??ون??س لڪايا آهن، انهن اڪا??ون??س جي بئنڪ اسٽيٽمينٽ اڄ تائين اليڪشن ڪميشن ۾ جمع نه ??رائي، پي ٽي آءِ جي ??ار?? فنڊز تي ڳالهه ڪرڻ کان اڳ پنهنجي اڪا??ون??س جو حساب ڏين، بينظير ڀٽو چيو ته اسامه بن لادن کان نواز شريف منهنجي حڪومت ڪيرائڻ جي لاءِ پئسا ورتا. هن چيو ته اڪبر ايس بابر پي ايم ايل اين جي ايزي لوڊ تي آهي، (ن) ليگ جي انگريزي ڪمزور آهي رپورٽ پڙهڻ کانسواءِ تبصرا ڪن ٿا، پاناما جي آءِ ٽي تي به مٺائي کائي ڇڏي بعد ۾ ڪجهه ٻيو نڪتو. اطلاعات ۽ نشريات واري مملڪتي وزير فرخ حبيب چيو ته يو ايس اي جي ان??ر پي ايم ايل اين لميٽيڊ ڪمپني طور رجسٽرڊ آهي جنهن جو رجسٽريشن نمبر 6521، پي ايم ايل اين يو ڪي ۾ لميٽيڊ ڪمپني آهي جنهن جو رجسٽريشن نمبر 9781563 آهي، انهن جي لميٽيڊ ڪمپني بيضا، ٽوال ۽ ٻيون شيون وڪرو ڪري سگهي ٿي، پيپلزپارٽي به يو ڪي ۾ ڪمپني طور رجسٽرڊ آهي، مارڪ سهگل کي به لابنگ جي لاءِ رکيو ويو آهي، زرداري ڪمپني جو سربراهه آهي، (ن) ليگ وارن جي ڄاڻ ۾ اضافي جي لاءِ ٻڌائيندو هلان ته نائن اليون کانپوءِ آمريڪا قانون سخت ڪيو هو، جيڪڏهن 30 ڊالر کان وڌيڪ مٽاسٽا جو ناڻو موڪلڻو آهي ته اتي رجسٽرڊ ٿيڻو پوي ٿو، پاڪستان تحريڪ ان??اف پهريون ڀيرو پوليٽيڪل فنڊ ريزنگ شروع ڪئي آهي. هن چيو ته اسڪروٽني ڪميٽي رپورٽ صفحي نمبر 78 ۾ اڪبر ايس بابر هڪ رپورٽ جمع ڪرائي جنهن جي مٿان آڊٽ رپورٽ جو چيو ويو آهي ان کي رديءَ جي ٽوڪري ۾ اڇلايو ويو، اسڪروٽني ڪميٽي جي رپورٽ جي صفحي 81 جي آخري پيرا ۾ لکيل آهي ته درخواستگذار تصديق ٿيل شيون فراهم ڪرڻ ۾ ناڪام ٿي چڪو آهي، احسن ايس احسن رپورٽ به نه مڃي وئي. مملڪتي وزير فرخ حبيب چيو ته 31 ڪروڙ جي جنهن رقم جو ذڪر ڪيو وڃي ٿو ان جي وضاحت آهي ته ٻه ڀيرا انٽري ٿي آهي، پي ٽي آءِ جا ڪجهه اڪا??ون??س اهڙا آهن جنهن ۾ ڪا ٽرانزيڪشن ناهي ٿي ۽ بيلنس به ٻُڙي آهي، پي ٽي آءِ 83 ڪروڙ ان??رون ملڪ مان فنڊ جمع ڪيو، اسان وٽ ان جو به رڪارڊ آهي، (ن) ليگ ۽ پيپلزپارٽي کي چئلينج آهي ته اهي ان??رون ملڪ فنڊز ڏيندڙ چئن ماڻهن جو رڪارڊ نه ٿا ڏئي سگهن، عمران خان دلبير ليڊر، پي ٽي آءِ شفافيت تي يقين رکي ٿي، اسان پاناما وانگر نه ??يو ته ججز اسان جي خلاف ٿي ويا. هن چيو ته پي ٽي آءِ جي قانوني ٽيم ??ار?? ??نڊ??گ ڪيس ۾ ڀرپور دفاع ڪندي ۽ حقيقتون پيش ڪندي، پي ٽي آءِ جا سمورا فنڊز قانون موجب پاڪستان آيا آهن، اسان جي چارٽرڊ اڪا??ون??نٽ جي ٽاپ ٽين ريٽنگ آهي، (ن) ليگ ۽ پيپلزپارٽي ميدان ۾ اچي ۽ اسڪروٽني ڪميٽي آڏو پنهنجي اڪا??ون??س جا تفصيل پيش ڪري ۽ ان کان فيصلو وٺي، اليڪشن ڪميشن کي گذارش آهي ته (ن) ليگ ۽ پيپولزپارٽي جي اڪا??ون??س جون رپورٽون اسڪروٽني ڪميٽي مڪمل ڪري اليڪشن ڪميشن آڏو پيش ڪري. هن چيو ته فضل الرحمان مڃي ورتو هن پاڻ، زرداري ۽ نواز شريف ڪرپشن ڪئي آهي، هاڻي فضل الرحمان به هوشيار ٿي وڃي ليبيا مان جيڪا ??نڊ??گ ورتي آهي ان جو به جواب ڏيڻو پوندو.