اسلام آباد – پهرين جنوري (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان سان برطانوي واپاري بورڊ جي ميمبر لارڊ ڊينيئل حنان ملاقات ڪئي، پنجاب جو گورنر مح??د سرور پڻ ان موقعي تي موج??د هو. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پار??ن جاري بيان موجب لارڊ حنان وزيراعظم عمران خان پاران ماحولياتي تحفظ جي لاءِ شروع ڪيل قدمن، سرسبز پاڪست??ن جي لاءِ سندس ويزن، خاص طور تي 10 ارب وڻ لڳائڻ جي منصوبي، نيشنل پارڪس ۽ جهنگلي جيوت جي تحفظ جي لاءِ قدمن کي ساراهيو. هن چيو ته وزيراعظم عمران خ??ن جي انهن قدمن کي پوري دنيا ۾ ساراهيو پيو وڃي، لارڊ ڊينيئل پنجاب جي گورنر مح??د سرور جي دعوت تي پاڪست??ن جي دوري تي آهي.