اسلام آباد – 20 – نومبر (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي چيو آهي ته ٻارن جو عالمي ڏينهن ملهائڻ جو مقصد ٻار?? ۽ ??نهن جي حقن جي تحفظ جي عزم کي ورجائڻ آهي، اڄ اسان پنهنجي ٻارن جي لاءِ هڪ بهتر مستقبل جي تعمير جو عزم ڪريون ٿا، حڪومت هر ٻار کي غربت ۽ هر قسم جي تشدد کان محفوظ بڻائڻ جي لاءِ پرعزم آهي، هر ٻار کي معياري تعليم ۽ صحت جون سهولتون فراهم ڪرڻ جي لاءِ ڪم ??ري رهيا آهيون. ايوان صدر ميڊيا ونگ پاران جاري ٿيند?? پڌرائي موجب ٻارن جي عالمي ڏينهن جي موقعي تي پنهنجي پيغام ۾ صدر عارف علوي چيو آهي ته اسان يقيني بڻائي رهيا آهيون ته ڪنهن ٻار سان ان جي قوميت، مذهب يا صنف جي بنياد تي فرق نه ڪيو وڃي، هن چيو ته اڄ اسان پنهنجي ٻارن کي ماحولياتي تبديلي جي سخت اثرن کان بچائڻ جو به ع??م ڪريون ٿا. صدر چيو ته پاڪستاني ٻارن جي بهتر زندگي جي لاءِ ميڊيا، معاشري، والدين ۽ پاڻ ٻارن کي به گڏجي تعميري ڪردار ادا ڪرڻ?? پوندو، اچو وبا تي ضابطو آڻي هر ٻار جي لاءِ وبا کانپوءِ هڪ بهتر مستقبل جي لاءِ ڪم ڪريون.