اسلام آباد – 05 – آڪٽوبر (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان چي?? آهي ته گهٽ قيمت هائوسنگ منصوبا حڪ??مت جي اولين ترجيحن ۾ شامل آهن، حڪ??مت قرضن جي فراهمي ۾ وڌيڪ آساني پيدا ڪرڻ جي لاءِ قدم کڻي رهي آهي. هن اهڙن خيالن جو اظهار نئون پاڪستان هائوسنگ اٿارٽي جي چيئرمين ليفٽيننٽ جنرل (ر) انور علي حيدر سان ڳالهائيندي ڪيو جنهن ساڻس ملاقات ڪئي. هن اٿارٽي تحت گهٽ قيمت هائوسنگ جي جاري منصوبن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي. وزيراعظم کي ٻڌايو ويو ته ڪامياب پاڪستان تحت بئنڪن کان قرض وٺڻ ۾ وڌيڪ آساني ٿيندي. وزيراعظم انهن جاري منصوبن کي مقرر مدي ۾ مڪمل ڪرڻ کي ??قي??ي بڻائڻ جي هدايت ڪئي.