اسلام آباد – 21 – سيپٽمبر (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير چوڌري فواد حسين چيو آهي ته نيوزي لينڊ ۽ انگلينڊ جا دورا رد ٿيڻ سان پي ٽي ??ي کي ڪروڙين روپين جو نقصان ٿيو، ٻنهي بورڊن جي خلاف قانوني ڪارروائي لاءِ وڪيلن سان مشورو ڪنداسين. پنهنجي ٽوئيٽ ۾ هن چيو ته پا??ستان جي خلاف هڪ مخصوص عالمي لابي مصروف عمل آهي پر اسان کي جهڪائڻ جي خواهش رکندڙ ڪڏهن ڪامياب نه ٿ??ند??، اها غلط فهمي جلد ختم ڪري ڇڏين.