گڏيل قومون – 20 سيپٽمبر (اي پي پي) گڏيل قومن جي سيڪريٽري جنرل انتونيو گوتريش ۽ اسلامي سهڪاري تنظيم (او آءِ سي) جي سيڪريٽري جنرل ڊاڪٽر يوسف بن احمد العثيمين وچ ۾ م??اقات ٿي. ملاقات ۾ افغانستان، وچ اوڀر امن عمل ۽ ميانمار جي ص??رتحال ۽ گڏيل دلچسپي جي معاملن تي ڳالهه ٻوله?? ڪئي وئي. گڏيل قومن جي پري ريليز مطابق گڏيل قومن جي سيڪريٽري جنرل گذريل ڏينهن ٿيل ملاقات ۾ پنهنجي مدي دوران گڏيل قومن ۽ او آءِ سي وچ ۾ سهڪار کي هٿي ڏيڻ لاءِ ذاتي دلچسپي جو اظهار ڪرڻ تي اسلامي سهڪاري تنظيم جي سيڪريٽري جنرل جو ٿورو مڃيو.