اسلام آباد – 06 – سيپٽمبر (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي صنعت ۽ يونيورسٽين جي وچ ۾ رابطن تي زور ڏيندي چيو ??هي ته انجنيئرنگ يونيورسٽين کي معياري، جديد ۽ مارڪيٽ جي ضرورتن م??جب تعليم جي فراهمي تي ڌيان ڏيڻ گهرجي ته جيئن م??ڪ مختلف شعبن ۾ اڳتي وڌي سگهجي، انجنيئرنگ شعبي ۾ معذور ماڻهن ۽ عورتن جي لاءِ داخلا ۽ نوڪرين جا موقعا پيدا ڪر?? جي ضرورت آهي. اهڙن خيالن جو اظهار هن پاڪستان انجنيئرنگ ڪائونسل جي نئين چونڊيل گورننگ باڊي جي افتتاحي تقريب کي خطاب ڪندي ڪيو. صدر ڊاڪٽر عارف علوي چيو ??ه انجنيئرنگ اهو پيشو آهي جيڪو قومن جي تعمير ڪري ٿو، انجنيئرز جي محنت سدائين قائم رهي ٿي. هن چيو ??ه انجنيئرز جي محنت ۽ ڪم سان تهذيبن جي سڃاڻپ ٿئي ٿي، پاڪستاني انجنيئرز سڄي دنيا ۾ ملڪ جو نالو روشن ڪيو، انجنيئرز دفاع ۽ ڪنسٽرڪشن سميت مختلف شعبن ۾ خدمتون سرانجام ڏئي رهيا آهن. هن چيو ??ه ڀارت جي ائٽمي ڌماڪن جي جواب ۾ پاڪستان ائٽمي ڌماڪا ڪيا ۽ ان ۾ انجنيئرز جو اهم ڪ??دار رهيو. هن چيو ??ه پاڪستان جو سدائين م??قف رهيو ??ه افغان مسئلو جنگ سان حل نه ٿيندو، اربين ڊالر خرچ ڪر?? کانپوءِ آمريڪا کي سمجهه ۾ آيو ??ه افغان مسئلو طاقت سان حل نه ٿيندو. صدر چيو ??ه انجنيئرز مان وڏيون اميدون آهن، تعميرات، نيوڪليئر انجنيئرنگ، انفارميشن ٽيڪنالاجي، ماحوليات، توانائي سميت ٻين شعبن ۾ دنيا ۽ پاڪستان جي ترقي ۾ انجنيئرز جو اهم ڪ??دار آهي. هن چيو ??ه پاڪستان انجنيئرنگ ڪائونسل کي انجنيئرز جي مسئلن جي حل تي ڌيان ڏيڻو پوندو. هن چيو ??ه يونيورسٽيز ۽ انڊسٽري کي پاڻ ۾ رابطو قائم ڪ??ڻو پوندو، انجنيئرنگ يونيورسٽين کي مارڪيٽ جي ضرورت موجب انجنيئرز پيدا ڪر??ا پوندا. هن چيو ??ه عالمي معيار موجب انجنيئرنگ جي تعليم تي ڌيان ڏيڻو پوندو ته جيئن پاڪستاني انجنيئرز ملڪي ترقي ۾ اهم ڪ??دار ادا ڪري سگهن، هنرمند ماڻهن، ڊاڪٽرز ۽ انجنيئرز کي ملڪ ۾ موجود موقعن کي ترجيح ڏيڻ گهرجي. هن چيو ??ه پاڪستان انجنيئرنگ ڪائونسل معذور شاگردن جي حوصلا افزائي ڪري، عورتن کي به انجنيئرنگ جي شعبي ۾ نوڪريون ڏنيون وڃن. هن چيو ??ه ڪورونا وبا دوران حڪومت همدردي ۽ احساس جو رويو ??ختيار ڪيو ??نهن جي ڪري پاڪستان تي ڀارت کان گهٽ اثر پيا. هن چيو ??ه نيڪ نيتي ۽ محنت سان پاڪستان کي ترقي جي راهه تي گامزن ڪري سگهجي ٿو. صدر ڊاڪٽر عارف علوي نئين چونڊيل عهديدارن کي مبارڪباد ڏني. تقريب کي خطاب ڪندي سائنس ۽ ٽيڪنالاجي واري وفاقي وزير سينيٽر شبلي فراز چيو ??ه وزيراعظم عمران خان جي قيادت ۾ حڪومت سائنس ۽ ٽيڪنالاجي خاص طور تي انجنيئرنگ جي شعبي جي بهتري تي ڀرپور ڌيان ڏئي رهي آهي. هن چيو ??ه انجنيئرز جي تعليم جي آخري مرحلي ۾ انٽرن شپ هجڻ گهرجي، انجنيئرنگ جي روانگي واپار ۾ اضافي جي لاءِ قدم ضروري آهن، حڪومت جو ڪم سازگار ماحول فراهم ڪ??ڻ ۽ مراعتون ڏيڻ آهي. پاڪستان انجنيئرنگ ڪائونسل جي نئين چونڊيل چيئرمين ايم اين اي انجنيئر نجيب هارون چيو ??ه سي پيڪ منصوبن ۾ انجنيئرز جي خدمتن جو اعتراف ڪيو ويو ??هي، انجنيئرنگ جي تعليم کي عالمي معيار جي برابر آڻڻ جي لاءِ ڪوششون ڪري رهيا آهيون. هن چيو ??ه ملڪي ترقي ۾ انجنيئرز جو اهم ڪ??دار آهي ۽ اهي پنهنجي ان ڪردار کي ڀرپور انداز ۾ نڀائيندا.