اسلام آباد – 08 سيپٽمبر (اي پي پي) احساس صارفين جي مفادن جي تحفظ ??ي نظر ۾ رکندي خصوصي صلاحڪار ڊا??ٽر ثانيه نشتر سائيبر ڪرائم ونگ جي قيام جي منظوري ڏئي ڇڏي آهي، سائبر ڪرائيم ونگ بي آءِ ايس پي ۾ قائم ڪيو ويندو، ونگ جي قيام سان انهن سڀني ڪرپٽ عنصرن سان سخ??ي سان منهن ڏنو ويندو، جيڪي معصوم عوام کي دوکي ۽ جعلسازي ذريعي احساس امداد ج?? حوالي سان بيوقوف بنائيندا آهن، اهي ڪرپٽ عنصر ڊجيٽل ٽيڪنالاجي جي مدد سان ماڻهن کي جعلي ميسيج ۽ ٻين هٿ ڪنڊن جي ذريعن ڦريندا آهن، ڊا??ٽر ثانيه نشتر احساس مينيجمينٽ کي ان ونگ جي جوڙجڪ جي عمل کي جلد کان ج??د مڪمل ڪرڻ جي هدايت ڪئي آهي.