راولپنڊي-31 ڊسمبر (اي پي پي) پاڪ فوج جي سربراهه جنرل سيد عاصم منير جي اڳواڻيءَ هيٺ سال 2024ع ۾ پاڪ فوج ملڪ لاءِ بي مثال خدمتون ڪندي خوارج ۽ ??هش??گردن لاءِ واضح پاليسي عيوض جاري آپريشنن ۾ اهم ڪاميابيون حاصل ڪيون. پاڪ فوج جي سڌ سماءَ واري شعبي( آءِ ايس پي آر) موجب سال 2024ع دوران مجموعي طور تي سيڪيورٽي فورسز ۽ قانون لاڳو ڪندڙ ادارن ??هش??گردن ۽ سندن سهولتڪارن خلاف 59775 مخ??لف قسمن جون ڪامياب ڳجهي ڄاڻ تي ٻَڌل آپريشنز ڪيون. ڪامياب آپريشنز دوران 925 ??هش??گردن خاص طور تي خوارجين کي ماريو ويو، جڏهن ته سَوين گرفتار ڪيا ويا. ??هش??گرديءَ جي ان ناسُور کي مُنهن ڏيڻ لاءِ سراسري طور ڏيهاڙي 169 کان وڌيڪ آپريشنز پاڪستاني فوج، انٽيليجنس، پوليس ۽ ٻين قانون لاڳو ڪندڙ ادارا انجام ڏئي رهيا آهن. سال 2024ع دوران انهن آپريشنز ۾ 73 انتهائي گهربل ??هش??گرد ماريا ويا. مارجي ويلن ۾ فدا الرحمان عرف لعل زوب ڊويزن، علي رحمان عرف طحه سواتي ۽ ابو يحيٰ به شامل آهن. رياستي ادارن جي بهترين حڪمت ع??لي سبب 14 گهربل ??هش??گردن هٿيار ڦٽا ڪري پاڻ کي قومي ڌارا ۾ شامل ڪيو. سيڪيورٽي فورسز جي ڪامياب حڪمت ع??لي سبب 2 آپگهات بمبارن کي گرفتار ڪري ملڪ کي وڏي تباهيءَ کان بچايو ويو. آرمي چيف ??هش??گردن، خوارجين ۽ سندن سهولتڪارن جي باري ۾ واضح مؤقف رکن ٿا. سندس چوڻ هو ته پاڪستان کي افغانستان جي ڌرتي مان آزاداڻي ??هش??گرد ڪاررواين تي خدشا آهن، هڪ پاڪستانيءَ جي جان ۽ حفاظت اسان لاءِ افغانستان کان وڌيڪ اُتم آهي. هلندڙ سال پرڏيهي رسالي به آرمي چيف کي ??هش??گردن ۽ انتهاپسندن خلاف سگهارو آواز بڻجڻ تي خراجِ تحسين پيش ڪيو. پرڏيهي سرگرمين خلاف به هلندڙ ڀرپور ڪارروايون عمل ۾ آنديون ويون. پاڪستان رياست جو واضح مؤقف آهي ته پرڏيهي سرگرمين ۾ ملوث مافيا ??هش??گردن جا سهولتڪار آهن. واضح رياستي پاليسي کي نظر ۾ رکندي سال 2024ع ۾ اسمگلنگ، بجلي چوري، ڀتا خوري، ذخيره اندوزي خلاف ڀرپور ڪارروائي ڪئي وئي. هن سال غير قانوني سرگرمين خلاف ڪامياب ڪاررواين جي نتيجي ۾ واضح گهٽتائي ٿي. آرمي چيف جي ڪامياب ملٽري ڊپلوميسي عيوض پاڪستان اهم سنگ ميل پار ڪيو. ڪامياب ملٽري ڊپلوميسي عيوض اهم ملڪن سان ناتن ۾ بهتري ۽ پرڏيهي سيڙپڪاري ۾ واڌ ٿي.