اسلام آباد – 26 – ڊسمبر (اي پي پي) وزيرا??ظم محمد شهباز شريف قزاقستان جي علا??قي اڪٽائو ۾ آذربائيجان جي هوائي جهاز کي پيش ايندڙ حادثي ۽ ان ۾ قيمتي جانين جي زيان تي افسوس جو اظهار ڪندي چيو آهي ته ڏک جي هن گهڙيءَ ۾ پاڪستان حڪومت ۽ پاڪستاني عوام آذربائيجان جي ڀائرن ۽ ڀينرن سان مڪمل يڪجهتي جو اظهار ڪن ٿا. وزيرا??ظم آفيس جي پريس ونگ پاران جاري بيان موجب وزيرا??ظم محمد شهباز شريف آذربائيجان جي سفارتخاني ويو ۽ آذربائيجان جي سفير سان ملاقات ڪئي. وزيرا??ظم قزاقستان جي علا??قي اڪٽائو ۾ آذربائيجان جي هوائي جهاز کي پيش ايندڙ حادثي ۽ ان ۾ قيمتي جانين جي زيان تي افسوس جو اظهار ڪيو. وزيرا??ظم حادثي ۾ فوت ٿيندڙن جي مغفرت جي لاءِ دعا ڪئي ۽ پونئيرن جي لاءِ صبر ۽ جميل جي دعا ڪئي. هن زخمين جي جلد کان جلد صحتيابي جي لاءِ دعا پڻ ڪئي. وزيرا??ظم چيو ته ڏک جي هن گهڙيءَ ۾ پاڪستان حڪومت ۽ پاڪستاني عوام آذربائيجان جي ڀائرن ۽ ڀينرن سان مڪمل يڪجهتي جو اظهار ڪن ٿا. هن چيو ته آذربائيجان ۽ پاڪستان جي وچ ۾ گڏيل مذهبي ۽ ثقافتي قدرن تي ٻڌل ڀائيچاري جا مضبوط لاڳاپا آهن. آذربائيجان جي سفير خضر فرهادوف وزيرا??ظم جا سندس اچڻ تي ٿورا مڃيا. هن چيو ته ڏک جي هن گهڙيءَ ۾ وزيرا??ظم جو آذربائيجان جي سفارتخاني اچي افسوس جو اظهار ڪرڻ اسان جي لاءِ انتهائي قابل قدر آهي. اطلاعات ۽ نشريات وارو وفاقي وزير عطاءُ الله تارڙ ۽ خاص معاون طارق فاطمي پڻ وزيرا??ظم سان گڏ هئا.