راولپنڊي-05 نومبر (اي پي پي) پاڪ بحريه جي جهاز پي اين ايس ذوالفقار ريجنل ميري ٽائم سيڪيورٽي پيٽرول دوران جبوتي جو دؤر?? ڪيو، جتي جبوتي بحريه جي عملدارن پاڪ بحريه جي جهاز جي آجيان ??ئي. آءِ ايس پي آر مطابق ڪمانڊنگ آفيسر پي اين ايس ذوالفقار جي ميزبان بحري عملدارن سان ملاقاتون ڪيون. جبوتي بحريه جي ڪمانڊر ۽ ڪوسٽ گارڊز سان پيشيوراڻي معاملن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي. دؤري جي پڄاڻيءَ تي جبوتي ڪوسٽ گارڊز سان ??ڏيل بحري مشق منعقد ڪئي وئي. مشق جو مقصد گڏيل آپريشنز جي صلاحيت ۽ گڏيل سهڪار کي وڌيڪ بهتر بنائڻ هو. پاڪستان ۽ جبوتي جي سامونڊي فوج وچ ۾ ٻه طرفه رابطا ٻنهي ڀائرملڪن وچ ۾ سفارتي لاڳاپن ۾ بنيادي حي??يت رکن ٿا. جبوتي ?? قيام دوران مختلف ملڪن جي سفيرن، دفاعي اتاشي، جبوتي جي اعليٰ سول ۽ فوجي قيادت سان مقامي ۽ پاڪستاني ڪميونٽي به جهاز جو دؤر?? ڪيو. ان دؤري سان ٻنهي ملڪن وچ ۾ لاڳاپن کي وڌيڪ هٿي ملندي.