اسلام آباد-23 آڪٽوبر (اي پي پي) سينيٽ چيئرمين سيد يوسف رضا گيلاني بيگم نصرت ڀٽو جي ورسي جي موقعي تي کيس سياسي ۽ سماجي خ??مت?? تي خرا?? عقيدت پيش ڪيو آهي. سينيٽ سيڪريٽريٽ مان جاري بيان ۾ سيد يوسف رضا گيلاني چيو ته قوم بيگم نصرت ڀٽو جي سياسي ۽ سماجي خ??مت?? کي هميشه ياد رکندي. هن چيو ته بيگم نصرت ڀٽو هڪ بهادر عورت ??ئي، پاڪستان ۾ جمهوريت کي هٿي وٺرائڻ لاءِ سندس قربانيون ناقابل فراموش آهن ۽ سندس ڪيل خ??مت?? جي ڪري قوم هن کي مادر جمهوريت جهڙي خطاب سان نوازيو. بيگم نصرت ڀٽو جنهن بهادري سان مارشل لا جي اونداهي دور جو مقابلو ڪيو تاريخ ۾ ان جو مثال نٿو ملي. سينيٽ چيئرمين چيو ته بيگم نصرت ڀٽو اهو ثابت ڪري ڇڏيو آهي ته جذبي ۽ پختي ارادي سان مشڪل کان مشڪل دور جو به ڄمي منهن ڏئي سگهجي ٿو. هن وڌيڪ چيو ته بيگم نصرت ڀٽو جي زندگي هن قوم جي عورتن لاءِ مشعل راهه آهي.