اسلام آباد – 11 آگسٽ (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي چيو آهي ته ??اڪ??تان ۽ ترڪي جي وچ ۾ دفاعي شعبي سميت لاڳاپن ۾ وڌيڪ سگهه آڻڻ جي ضرورت آهي، اسلام دشمني جهڙن وڏن چئلينجن تي ضابطو آڻڻ لاءِ اسلامي دنيا کي اتحاد جي ضرورت آهي، ??اڪ??تان افغانستان ۾ امن ۽ استحڪام جي فروغ لاءِ مخلصاڻو ڪردار ادا ڪري رهيو آهي، ??اڪ??تان قبرص جي معاملي تي ترڪي جي حم??يت جاري رکندو. اهڙن خيالن جو اظهار هن ترڪي جي دفاع واري وزير جنرل (ر) خلوصي آقار سان ملاقات دوران ڪي??. صدر ڊاڪٽر عارف علوي چيو ته ??اڪ??تان ۽ ترڪي جي وچ ۾ ڀائراڻي لاڳاپن جي ڊگهي تاريخ آهي، ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ دفاعي شعبي سميت لاڳاپن ۾ وڌيڪ سگهه آڻڻ جي ضرورت آهي، هن چيو ته ??اڪ??تان ۽ ترڪي عالمي معاملن تي هڪجهڙا خيال رکن ٿا، ??اڪ??تان ۽ ترڪي جي وچ ۾ سڀني عالمي فورمن تي مڪمل تعاون آهي، صدر چيو ته اسلامي دنيا کي مختلف مسئلا ۽ ڳنڀير حالتون درپيش آهن. اسلام دشمني جهڙن وڏن چئلينجن کي منهن ڏيڻ لاءِ اسلامي دنيا کي اتحاد جي ضرورت آهي، ??اڪ??تان افغانستان ۾ ڊگهي جنگ سبب سخت متاثر ٿيو. هن چيو ته افغانستان ۾ امن جي قيام جو سڀ کان وڌيڪ فائدو ??اڪ??تان کي پهچندو، ??اڪ??تان افغانستان ۾ امن ۽ استحڪا?? لاءِ مخلصاڻو ڪردار ادا ڪري رهيو آهي، ??اڪ??تان قبرص جي معاملي تي ترڪي جي حم??يت جاري رکندو، صدر ڪشمير ۽ ايف اي ٽي ايف ۾ ??اڪ??تان جي حم??يت تي ترڪي جو ٿورو ادا ڪي??. ترڪ دفاع واري وزير ترڪ صدر رجب طيب اردوان پاران صدر عارف علوي کي ترڪي جي دوري جو دعوت نامو پيش ڪي??، ترڪ دفاع واري وزير چيو ته ٻنهي ڀائرن ملڪن کي گڏيل مفاد جي معاملن تي گڏيل ڪوششون جاري رکڻ جي ضرورت آهي. ترڪي ڄمون ۽ ڪشمير تڪرار تي ??اڪ??تان جي حم??يت جاري رکندو، هن چيو ته ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ فوجي تربيت سميت ٻين دفاعي شعبن ۾ تعاون وڌائڻ جي ضرورت آهي.