اسلام آباد – 18 اپريل (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي جي صدارت ۾ عالم سڳورن جي هڪ اجلاس ۾ ڪورونا وائرس جي موجوده ص??رت??ال جي ڏس ۾ رمضان المبارڪ دوران تراويح نماز ۽ جمعي نماز بابت 20 نقاطي ايجنڊا جاري ڪئي وئي آهي. صدر رمضان المبارڪ دوران تراويح نماز ۽ جمعي نماز بابت آزاد ڄمون ۽ ڪشمير، گلگت بلتستان ۽ چئني صوبن جي وڏن وزيرن، گورنرن، عالم سڳورن ۽ سياسي شخصيتن سان تفصيلي مشاورت ڪئي جڏهن ته چئني صوبائي حڪومتن کان ان حوالي سان لکت ۾ سفارشون طلب ڪيون هيون، صحت جي عالمي اداري جي سفارشن ۽ ڪورونا جي ڪري ملڪ جي ان??روني ص??رت??ال کي پڻ نظر ۾ رکيو ويو آهي، صدر جي ڀرپور ڪوششن سان مشاورت تي ٻڌل اهو متفقه پڌرنامو طئي ٿيو. صدر ڊاڪٽر عارف علوي عالم سڳورن جي هڪ اجلاس جي صدارت ڪئي.