اسلام آباد – 22 مارچ (اي پي پي) وزيراعظم جي صحت بابت خاص صلاحڪار ڊاڪٽر ظفر مرزا جي صدارت هيٺ پمز اسپتال ۾ هيڊ آف ڊپارٽمينٽ جو اجلاس منعقد ٿيو. اجلاس ۾ ايگزيڪيوٽو ڊائريڪٽر پمز ۽ اين ڊي ايم اي جا نمائندا به شامل هئا. ان موقع?? تي ڪورونا وائرس کي مُنهن ڏيڻ لاءِ موجوده صور??حا?? ۽ تيا??ين جو جائزو ورتو ويو. ڊاڪٽر ظفر مرزا چيو ته سيفٽي هيلٿ ورڪرز حڪومت جي اولين ترجيح آهي ۽ ان سلسلي ۾ سڀ ضروري قدم کڻي رهيا آهيون.