اسلام آباد – 11 آڪ??وب?? (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان موٽروي ريسٽ ايرياز ۾ شين جي وڌيڪ قيمتن تي شهرين جي شڪايتن جو نوٽيس ورتو آهي، وڌيڪ قيمتن تي ڪاوڙ جو اظهار ڪندي وزيراعظم چيو ته ناجائز منافعي خورن جي خلاف سخت ڪارروائي ڪئي ويندي. وزيراعظم ڊيليوري يونٽ پاران جاري بيان موجب وزيراعظم عمران خان سٽيزن پورٽل تي شهرين جي موٽروي ريسٽ ايرياز ۾ شين جي وڌيڪ قيمتن جي حوالي سان شڪايتن جو نوٽيس ورتو آهي. وزيراعظم ڊيليوري يونٽ مواصلات واري وزارت، اين ايڇ اي ۽ آءِ جي موٽروي کي خط ??کيو آهي. خط ۾ چيو ويو آهي ??ه موٽروي ريسٽ ايرياز تي قيمتن جي مانيٽرنگ جي لاءِ خصوصي ٽيمون لڳايون وڃن، ٽيمون موٽروي ريسٽ ايرياز تي ڏين??ن ۽ رات باقاعدگي سان ڇاپا هڻن. ٽيمون ضر??رت موجب ضلعي انتظاميا کان ڪنهن به وقت مدد وٺي سگهن ٿيون. موٽروي ريسٽ ايرياز تي وڌيڪ قيمتن جي خلاف فوري ۽ سخت ايڪشن ورتو وڃي، موٽروي ريسٽ ايرياز تي مسافرن ۽ سياحن جي آگاهي ??ي لاءِ بينرز هنيا وڃن.