اسلام آب??د – 12 آڪٽوبر (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان چيو آهي ته موجوده دور جي چئلينجن کي منهن ڏيڻ ۽ فرقيواريت کي روڪڻ لاءِ عالم پنهنجو ڪ??دار ادا ڪن ۽ عوام کي ڪورونا وائرس کان بچائڻ جي حوالي سان رهنمائي به فراهم ڪن. اهڙن خيالن جو اظهار هن خيبرپختونخوا سان تعلق رکندڙ مشهور مذهبي شخصيتن جي وفد سان ڳالهائين??ي ڪئي، جن ساڻس ملاقات ڪئي.