اسلام آباد – 10 آگسٽ (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان چمن ۾ ڌماڪي جي سخت مذمت ڪندي واقعي ۾ قيمتي جانين جي زيان تي گهري ڏک ۽ افسوس جو اظهار ??يو آهي. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب وزيراعظم واقعي ۾ زخمي ٿيندڙن ??ي جلد صحتيابي لاءِ پڻ دعا ڪئي.