اسلام آباد – 05 آگسٽ (اي پي پي) ڪشميرين سان يڪجهتي جي ??ظهار ۽ ڪشميرين تي ڀارتي ظلمن کي اجاگر ڪرڻ جي لاءِ استحصال ڏهاڙي جي موقعي تي سڄي ملڪ ۾ هڪ منٽ جي ??اموشي اختيار ڪئي وئي. گذريل هڪ سال کان ڀارتي غيرقانوني والاريل ڪشمير جي ??وام کي بدترين دٻاءُ ۽ فوجي گهيراءُ درپيش آه??، 5 آگسٽ 2019ع تي هندستان پنهنجي ??ئين جي ??رٽيڪل 35 اي ۽ 370 کي ملتوي ڪري ڇڏيو جنهن ڀارتي غيرقانوني والاريل ڪشمير کي ڏنل خصوصي حيثيت کي ڪالعدم قرار ڏنو جتي ڪشميري گڏيل قومن جي منظور ٿيل قراردادن موجب پنهنجي ??ودمختياري جي ??ق لاءِ جدوجهد ڪري رهيا آه??. سڄي ملڪ ۾ استحصال ڏهاڙي جي موقعي تي عوام ڀرپور انداز سان شرڪت ڪئي ۽ ڪشمير سان پنهنجي والهاڻي م??بت جو اظهار ڪيو، پوري ملڪ ۾ صبح 10 وڳي هر قسم جي ٽريفڪ جي چرپر پڻ رڪجي وئي. مختلف سياسي ۽ مذهبي پارٽين پاران ريلين ۽ جلسن جو پڻ اهتمام ڪيو ويو جنهن ۾ مقررين ۽ شرڪت ڪ??دڙن عالمي برادري کان مطالبو ڪيو ته ڪشميرين کي خودمختياري جو حق ڏيڻ جي لاءِ ٺوس قدم کنيا وڃن ۽ ڪشمير جي م??لوم عوام کي انهن جي م??ضي موجب جيئڻ جو حق ڏنو وڃي.