اسلام آباد – 28 مئي (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير سينيٽر شبلي فراز چيو آهي ته اڄوڪي ڏينهن 28 مئي تي پاڪس??ان ايٽمي قوت بڻيو، يوم تڪبير ان وچن کي ورجائڻ جو ڏينهن آهي ته عزم ۽ همت سان اسان جنهن منزل کي حاصل ڪرڻ چاهيون اها حاصل ڪري سگهون ٿا، اسان جي امن جي خواهش کي اسان جي ڪمزوري نه سمجهيو وڃي، حڪومت بهترين حڪمت عملي سان ڪوويڊ 19 کي منظم انداز ۾ ڪنٽرول ڪيو آهي، اسان جو رخ درست آهي، ماڪڙ کي به ڪنٽرول ڪنداسين جنهن جي لاءِ قومي سيل قائم ڪري رهيا آهيون، آفريقا کان ماڪڙ جي وڌيڪ کيپ جي خدشي کي نظر ۾ رکندي سموريون تياريون مڪمل ڪيون وي??ن آهن، وقت ثابت ڪيو ته لاڪ ڊائون جي پاليسي ناڪام ٿي چڪي آهي ۽ ان لاءِ وڌيڪ لاڪ ڊائون جو في الحال ڪو به ام??ان نه آهي، جيڪي ماڻهو ڪورونا ۽ ماڪڙ تي سياست ڪري رهيا آهن انهن جو مقصد پنهنجي بدعنواني کي لڪائڻ آهي، ايندڙ 8 کان 10 ڏينهن ۾ کنڊ رپورٽ جي عملي صورت سامهون اچي وي??دي جيتري به مافياز آهي انهن کي سختي سان منهن ڏنو وي??دو. پريس انفارميشن ڊپارٽمينٽ ۾ پريس ڪانفرنس کي خطاب ڪندي اطلاعات واري وزير سينيٽر شبلي فراز چيو آهي ته 2013ع ۾ جڏهن پاڪس??ان مسلم ليگ (ن) جي حڪومت آئي ته ان جي ناڻي واري وزير اسحاق ڊار، جيڪو اڄ ڪل ٻاهرين ملڪ فرار آهي، پهرين ئي ڏينهن آءِ پي پيز جا 486 ارب روپيا جاري ڪري ڇڏيا، پي ايم ايل اين ڪو به ڪم ڪنهن مفاد کانسواءِ ناهي ڪيو، شاهد خاقان عباسي ??ه پنهنجي وفاداري خوب نڀائي ۽ ملڪ ۽ عوام جو ڪو به خيال نه ڪيو.