اسلام آباد – 21 – مارچ (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف ??ان نيشنل ڊيزاسٽر مئنيجمينٽ اٿارٽي جي چيئرمين ليفٽيننٽ جنرل انعام حيدر ملڪ ملاقات ??ئي. وزيراعظم آفيس جي ??يڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب اين ڊي ايم اي چيئرمين وزيراعظم کي ترڪيه ۽ شام جي زلزلي متاثرين جي بحالي جي حوالي سان پاڪستان پاران ريليف ۽ بحالي جي ڪاررواين کان آگاهه ڪندي ٻڌايو ته ترڪيه جي ??اءِ مجموعي طور تي 69 اڏامن جي ذريعي 2686 ٽن خيما روانا ڪيا ويا آهن جڏهن ته 2597 ٽن امدادي سامان ترڪيه ۽ شام کي سامونڊي جهازن جي ذريعي موڪليو ويو. وزيراعظم جي ??دايت تي اين ڊي ايم اي 50 هزار خيما تيار ڪرايا آهن جن ۾ فائر پروف خيما پڻ شامل آهن. اين ڊي ايم اي هيستائين 26 خصوصي اڏامن جي ذريعي 36402 سردي جي ??وسم جا خيما ترڪيه موڪليا ويا آهن.