اسلام آباد – 19 آگسٽ (اي پي پي) صدر ممنون حسين چيو آهي ته بلدياتي چونڊن ۾ چونڊيل نمائندن ذريعي ماڻهن جا مسئلا هيٺئين سطح تي حل ٿيندا ۽ ان سان جمهوريت مضبوط ٿيندي. بلدياتي چونڊن سان ماڻهن جي زندگي ۾ بهتري ايندي. صدر اها ڳالهه ج??ن آزادي جي سلسلي ۾ اسلام آباد ميٽروپوليٽن جي اهتمام هيٺ ايوان صدر ۾ تقريب کي خطاب ڪندي چئي جنهن ۾ اسلام آباد ۾ بلدياتي چونڊن ??سيلي چونڊيل ميئر، ڊپٽي ميئرز، وائيس چيئرمينز ۽ ڪائونسلرز شر??ت ڪئي. صدر اسلام آباد مان چونڊيل نمائندن کي مبارڪباد ڏيندي چيو ته اهي پنهنجا فرض ذميواري ۽ ايمانداري سان ادا ڪن.