اسلام آباد – 21 – اپريل (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف پاڪستان تحريڪ انصاف جي چيئرمين عم??ان خان جي فول پروف سيڪيورٽي يقيني بڻائڻ جو حڪ?? ڏنو آهي جنهن تي فوري ڪارروائي ڪند?? گهرو وزارت اڳوڻي وزيراعظم جي سيڪيورٽي جي لاءِ سخت حفاظتي قدمن جي هدايت ڪئي آهي. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پا??ان جاري بيان موجب وزيراعظم محمد شهباز شريف عم??ان خان کي سيڪيورٽي ٿريٽ جي اطلاع ت?? گهرو وزارت کي فوري ۽ موثر قدم کڻڻ جي سخت هدايت جاري ڪند?? گهرو وزير راڻا ثناءُ الله کي ذاتي طور تي نگراني ڪرڻ ۽ حڪمن تي عملدرآمد يقيني بڻائڻ جو حڪ?? ڏنو. وزيراعظم جي حڪمن ت?? گهرو وزارت فوري طور تي حرڪت ۾ اچي وئي آهي ۽ چئني صوبن کانسواءِ آزاد ڪشمير ۽ گلگت بلتستان جي هوم سيڪريٽرين کي هنگامي خط لکيا ويا آهن جنهن ۾ عم??ان خان جي لاءِ سخت حفاظتي قدم يقيني بڻائڻ جي هدايت ڪئي وئي آهي. گهرو وزارت آءِ جي ۽ چيف ڪمشنر اسلام آباد کي پڻ ان سلسلي ۾ ضروري هدايتون جاري ڪيون آهن. پنهنجي هنگامي خط ۾ گهرو وزارت چيو آهي ته سڄي ملڪ ۾ عم??ان خان جتي به وڃي ان جي سخت سيڪيورٽي کي يقيني بڻايو وڃي. گهرو وزارت عم??ان خان جي بني گالا رهائشگاهه تي بم ناڪاره بڻائڻ سميت ٻين ضروري سيڪيورٽي قدمن يقيني بڻائڻ جي پڻ هدايت ڪئي آهي. گهرو وزارت هدايت ڪئي آهي ته عم??ان خان جي جلسن، جلوسن ۽ عوامي سرگرمين جي دو??ان سيڪيورٽي بابت ڪا ڪوتاهي برداشت نه ڪئي ويندي.