اسلام آباد – 11 – اپريل (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي چيو آهي ته فاٽا کي ملڪ جي ٻين علائقن جي برابر آڻڻ لاءِ ان جي ترقي تي ڌيان ڏيڻ لاءِ قدم کنيا پيا وڃن، ملڪ ۾ واپاري ۽ ڪاروباري سرگرمين کي و??ائڻ لاءِ نئين ضم ٿيل ضلعي جي واپاري برادري کي سهولت فراهم ڪرڻ ۽ ڪاروبار ۽ سيڙپڪاري جو س??زگار ماحول فراهم ڪرڻ جي ضرورت آهي. هن چيو ته محدود وسيلن ۽ عالمي مالياتي بحران جي باوجود پاڪستان ڪووڊ – 19 جي وبا دوران ڪاروباري برادري ۽ معاشري جي ڪمزور طبقن کي و?? کان وڌ رليف فراهم ڪي??، صدر اهڙن خيالن جو اظهار باجوڙ چيمبر آف ڪامرس اينڊ انڊسٽري پي سي سي آءِ جي وفد سان ڳالهائيندي ڪي?? جنهن ساڻس ايوان صدر ۾ ملاقات ڪئي. وفد ۾ باجوڙ چيمبر آف ڪامرس اينڊ انڊسٽري جو صدر لالي شاهه، نائب صدر معراج الدين خان، ايگزيڪيٽو ميمبر شامل هئا، وفد صدر کي باجوڙ ضلعي جي واپاري برادري کي درپيش مسئلن کان آگاهه ڪي??، ان موقعي تي ٻڌايو ويو ته باجوڙ جي واپاري برادري کي ڪمرشل بئنڪن کان قرض حاصل ڪرڻ ۾ مشڪلاتون درپيش آهن، هن پاڙيسري ملڪن سان ٻطرفي واپار کي و??ائڻ لاءِ افغانستان سان واپاري پوائنٽ کولڻ تي به زور ڏنو. اجلاس کي خطاب ڪندي صدر چيو ته واپاري برادري کي حڪومت پاران پيش ڪي?? قرضن کان فائدو کڻڻ جي ضرورت آهي، نوجوان ڪاروباري ماڻهو پنهنجو ڪاروبار شروع ڪرڻ لاءِ آسان شرطن تي ڪاروباري قرضا حاصل ڪري سگهن ٿا. هن واپارين کي جديد ڪاروباري طريقن کي اختيار ڪرڻ جي به ترغيب ڏني، جيڪي ملڪ جي سماجي ۽ اقتصادي ترقي ۾ پنهنجو حصو وجهڻ سان گڏوگڏ انهن جي ڪاروبار جي پهچ کي و??ائڻ ۾ مددگار ثابت ٿيندا. صدر واپاري برادري کي اهو به چيو ته هو باجوڙ جي نوجوانن کي آءِ ٽي ۽ ٽيلي ڪميونيڪيشن جي وزارت پاران شروع ڪي?? آن لائن اسڪل ڊولپمينٽ جي ??ي جي اسڪلز پروگرام مان فائدو کڻڻ جي ترغيب ڏيڻ ۾ مدد ڪن، صدر وفد کي انهن جي مسئلن جي حل لاءِ لاڳاپيل کاتن تائين پهچ جي خاطري به ڪرائي.