اسلام آباد – 05 اپريل (اي پي پي) پاڪستان تحريڪ انصاف جي اڳواڻ۽ سينيٽر فيصل جا??يد چيو آهي ته ??اڪستان تاريخي لمحن مان گذري رهيو آهي، حق ۽ باطل وچ ۾ فيصلائتي گهڙي اچي چڪي آهي. سڄي قوم جون نگاهون سپريم ڪورٽ تي آهن، اميد آهي ته عدالت سڳوري سمورين شاهدين کي ڏسي ڪري هميشه جيئان عوام سان انصاف ڪندي. عدالت سڳوري جيڪو به فيصلو ڪندي ان جو احترام ڪنداسين، اسان هميشه عدالتن جو احترام ڪيو آهي ۽ ڪندا رهنداسين. اهڙو اظهار هن سپريم ڪورٽ ٻاهران ميڊيا سان ڳالهائيندي ڪيو. سينيٽر فيصل جا??يد چيو ته 27 مارچ تي عمران خان جي قيادت ۾ پي ٽي آءِ اسلام آباد ۾ ملڪي تاريخ جو سڀ کان وڏو جلسو ڪيو، عوام حق جو ساٿ ڏنو ۽ باطل کي رد ڪيو. هن چيو ته اپوزيشن وارن پاڪستان ۽ عمران خان خلاف سازش ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي، سندن غداري نيشنل سيڪيورٽي ڪميٽي ۾ ثابت آهي، اسان جا ڦري ويل ميمبر به ان سازش ۾ شامل آهن. جن پنهنجي ضمير جو سودو ڪيو. سينيٽر فيصل جا??يد چيو ته اپوزيشن بار بار چئي رهي هئي ته اليڪشن ڪرايو ۽ هاڻي هي ماڻهو اليڪشن کان فرار ڇو ٿي رهيا آهن. هن چيو ته ??ي ٽي آءِ جي پارلياماني بورڊ جي گڏجاڻي سڏائي وئي آهي، ٽڪيٽن لاءِ درخواستون به طلب ڪري رهيا آهيون، اسان نئين اليڪشن جي تياري طرف وڃي رهيا آهن. پي??لز پارٽي، (ن) ليگ، جي يو آءِ (ف) ۽ ٻين سياسي پارٽين مان ڪيترائي ماڻهو پي ٽي آءِ ۾ شموليت اختيار ڪندا. عليم خان جي الزامن بابت پڇيل سوال جي جواب ۾ هن چيو ته عليم خان بي بن??اد ۽ هٿ ٺوڪيا الزام لڳايا. تحريڪ انصاف ۾ هوندي کيس اهي ڳالهيون ڇو نه ??اد آيون پارٽي ڇڏڻ بعد عليم خان کي اهي ڳالهيون ??اد آيون آهن. الزام اشوز تي هوندا آهن ذاتيات تي لهڻ ٺيڪ ناهي، عمران خان جي ڪنهن سان ڪا ذاتي دشمني ناهي. ڪم ظرف ماڻهو ذاتيات تي ڳالهائيندا آهن. سينيٽر فيصل جا??يد چيو ته روزاني جي بن??اد تي احتجاج ٿي رهيا آهن، عمران خان جي حياتي کي خطرو آهي.